موجوده سياسي نظام پنهنجو مدو پورو ڪندو،بلاول نئين سياسي نسل جي اميد؟

اسلام آباد(اياز امير) موجوده سياسي نظام پنهنجو آئيني مدو مڪمل ڪندو، ڇو ته هاڻ گرائونڊ رولز يعني زميني حقيقتون ۽ راند جا اصول مڪمل طور تبديل ٿي چڪا آهن.تاريخ گواهه آهي ته جڏهن فوج ڪنهن به نظام سان گڏ بيٺي هجي، تڏهن وڏن حادثن جي باوجود به حڪومتون هلنديون رهن ٿيون. جيستائين فوج نظام سان گڏ بيٺي آهي، اوچتو ڪي به حادثا به نظام کي نه ڊاهي سگهن ٿا،ملڪ جي اهم سياسي ڪردارن ۾ تبديلي اچي چڪي آهي . نواز شريف عملي طور قومي سياست مان ٻاهر ٿي چڪو آهي، ڇو ته هاڻي سندس چوڻ ۽ ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه بچيو آهي. سندس آخري وڏو ڪم نئون آرمي چيف چونڊڻ (آڪٽوبر – نومبر 2022) هو، جيڪو ٿي چڪو. ان کان پوءِ ميان صاحب جي ڪا به خاص اهميت نه رهي آهي،جڏهن ته آصف زرداري کي اهو ڪريڊٽ ضرور ڏيڻ گهرجي ته هن بلاول ڀٽو کي سٺو سياسي سبق ڏنو آهي. جيتوڻيڪ عمر جي لحاظ کان بلاول نوجوان آهي، پر هاڻ ان مان تجربي جي پختگي نظر اچي ٿي. شروع وارن تقريرن ۾ فقط جذبات ۽ نعرن جي گونج هئي، پر هاڻي بلاول جي ڳالهين ۾ سنجيدگي ۽ نرمي آهي.آمريڪا جي تازي دوري دوران بلاول جا انگريزيءَ ۾ ٻه ٽي وي انٽرويو ڏٺا، جن ۾ هن شاندار گفتگو ڪئي. سندس لهجي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي جھلڪ ڏسڻ ۾ آئي.، بلاول کي ڏسي نئين سياسي نسل مان ڪا اميد رکي سگهون ٿا، پر هڪ ڳالهه طئي آهي ته جيستائين موجوده نظام قائم آهي، فيصلا ووٽن سان نه ٿيندا ، فيصلا عوام جي عدالت ۾ نه پر ٻئي هنڌ ٿيندا. جيڪڏهن ن ليگ وارا هن ڳالهه کي سمجهن ته اهو سندن لاءِ خبرداري آهي، ڇو ته سندن اڪثر نوجوان اڳواڻ آڪسفورڊ جهڙين يونيورسٽين مان انگريزي تعليم وٺي آيا آهن ٻئي  پاسي پاڪستان ۾ آئين ته موجود آهي، پر ڪنهن لاءِ رڪاوٽ ناهي.عدالتون ته آهن، پر حڪمرانن لاءِ مسئلو ناهن.نه ڪو پريس اينڊ پبليڪيشن آرڊيننس لاڳو ڪيو ويو آهي، نه ڪا ظاهري سنسرشپ آهي، پر سڀ اخبارون ۽ ٽي وي چينل سمجهي چڪا آهن ته ڪهڙي پاسي هلڻ ۾ عافيت آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، خميس 12 جون 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.