سيسيءَ جي اسپتالن ۽ ڊسپينسرين ۾ اربين رپين جون بي ضابطگيون،آڊٽ جو حڪم

ڪراچي(رپور:آزاد لال حسين) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ سنڌ جي محنت کاتي جي اداري سيسي جي اسپتالن لاءِ غيرمعياري دوائن ۽ مشينري جي خريداريءَ ۾ اربين روپين جي بي ضابگين جي شڪايتن تي سيسيءَ جي 7 اسپتالن ۽ 42 ڊسپينسرين لاءِ ساليانو 9 ارب روپين جي دوائن جي خريداريءَ جي آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پي اي سيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سيسيءَ جي سال 2018ع ۽ 2019ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ محنت کاتي جي سيڪريٽري رفيق قريشي، ڪمشنر سيسي ميانداد راهوجو سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. نثار کهڙو چيو ته سيسيءَ جي اسپتالن ۾ دوائن جي خريداريءَ تي اربين روپيه خرچ ٿي رهيا آهن ان جي باوجود سيسي جي اسپتالن ۾ غيرمعياري دوائون فراهم ٿيڻ جون شڪايتون ڇو ملي رهيون آهن جنهن تي ڪمشنر سيسي ٻڌايو ته سيسيءَ جي اسپتالن لاءِ 70 سيڪڙو دوائن جي خريداري ٽينڊرن جي ذريعي ڪئي ويندي ۽ 30 سيڪڙو خريداري مقامي سطح تي سيسي جا ڊائريڪٽر ڪن ٿا اجلاس ۾ 80 سيڪڙو نجي صنعتي يونٽن ۾ ورڪرن کي مهيني 37 هزار روپيه گهٽ ۾ گهٽ اجرت ڏيڻ تي عمل درآمد نه ٿيڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي. پي اي سيءَ چيئرمين نثار کهڙو پڇاڻو ڪيو ته سيسيءَ ۾ ڪيترا صنعتي يونٽ ۽ ڪيترا صنعتي ادارا مهيني 37 هزار رپيا اجرت ڏيڻ تي عمل نه ڪري رهيا آهن. جنهن تي سيسي ڪمشنر ٻڌايو ته 67 هزار صنعتي يونٽن مان سيسي وٽ 24 هزار صنعتي يونٽ رجسٽرڊ ٿيل آهن جن مان 6 هزار صنعتي يونٽ بند پيل آهن ۽ هن وقت 18 هزار صنعتي يونٽ فعال آهن جن جي 8 لک ورڪرن کي سيسي ۾ رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته ڪيترا صنعتي يونٽ مهيني 37 هزار روپيه اجرت ڏيڻ تي عمل ڪري رهيا آهن پر نجي سيڪيورٽي گارڊ هاير ڪندڙ سيڪيورٽي گارڊن کي 37 هزار روپيه اجرت ڏيڻ تي عمل نه ڪري رهيا آهن. جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو ته وڏي تعداد ۾ نجي صنعتي يونٽن ۾ ھر مهيني گهٽ ۾ گهٽ اجرت 37 هزار روپيه ڏيڻ تي عمل درآمد نه ٿيڻ ليبر قانون جي خلاف ورزي آهي. ان موقعي تي پي اي سيءَ سيسي ۽ سنڌ جي محنت کاتي کي صنعتي يونٽن ۾ ڪم ڪندڙ سڀني ورڪرن کي ھر مهيني گهٽ ۾ گهٽ اجرت 37 هزار روپيه ڏيارڻ جي پاليسي تي سختيءَ سان عمل درآمد ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. اجلاس ۾ سيسيءَ جي ادارن جي مرمت جي ڪم لاءِ جعلي بلن ذريعي 50 ملين روپين جون بوگس ادائيگين جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.