دھشتگردي ٽوڙ عدالت ملير جيل ٽٽڻ انتظاميا جي ڪمزوري قرار ڏئي ڇڏي

ڪراچي(رپورٽر)دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي انتظامي جج ملير جيل کي ٽوڙڻ وارو ڪيس ۾ قيدين جي فرار ٿيڻ جو معاملو ملير جيل انتظاميا جي ڪمزوري قرار ڏئي ڇڏيوآهي، جاچ آفيسر جي جاچ کي به ناقص ۽ غير تسلي بخش قرار ڏنو ويو، عدالت لکت واري حڪم نامي ۾ چيو آهي ته جاچ آفيسر پاران ڪو به خاطر خواهه جاچ ناهي ڪئي وئي، جاچ آفيسر پاران ڪاغذن ۾ 118 جوابدارن جو ذڪر ڪيو پر عدالت ۾ 115 جوابدارن کي پيش ڪيو ويو، ڪو به اهڙو سبب پيش نه ڪيو ويو، جنهن سان جوابدارن کي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري سگهجي، نه ئي وري ڪارڪردگي  يا ڪو ثبوت پيش ڪيو ويو،  لکت واري حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جوابدارن بابت ڪو به جيل رڪارڊ پيش نه ڪيو جنهن ۾ جيل انتظاميا جون صحيون به موجود هجن، ڪيس بابت ثبوت ۽ زخمي پوليس اهلڪارن جي ميڊيڪل رپورٽ،گواهه ۽ ڪيس ڊائري به پيش نه ٿي سگهي، جاچ آفيسر جي رپورٽ موجب جوابدارن جيل کي نه ٽوڙيو پر زلزلي سبب جيل جي هڪ ڇت ڪري پئي ۽ اهي ماڻهون فرار ٿيا، لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته سموري معاملي ۾ جيل انتظاميا جي سب کان وڌيڪ ڪمزوري نظر اچي رهي آهي، جوابدار عدالتي رمانڊ تي جيل ۾ آهن، عدالت جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيلي اڳڀرائي رپورٽ سان گڏ طلب ڪري ورتو، عدالت پاران ڪيس جي ٻڌڻي پهرين جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.