پنجاب ۾ عورت آفيسر انتظامي مثال قائم ڪري ڇڏيو

مظفر ڳڙهه(م ڊ) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر فنانس اينڊ پلاننگ انعم حفيظ پاران بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) جي سينٽرزتي ڀاڪر ۾ وڪوڙيل بي قاعدگين خلاف ڪارروائيون جاري آهن، جن دوران مستحق عورتن جي امدادي رقم مان 2 کان 3 هزار رپين جي ناجائز ڪٽوتيون سامهون آيون آهن.گذريل ڏينهن انعم حفيظ هڪ ڀيرو ٻيهر برقعو پائي بي آءِ ايس پي جي شاه جمال سينٽر تي پهتي، جتي سندس موجودگي جو علم ٿيڻ شرط ڊيوائس آپريٽر ۽ ايجنٽ فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ عورتن پاران درج ڪيل شڪايتن تي بي آءِ ايس پي انتظاميا ٽن عملدارن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر پاران مختلف سينٽرن تي لڳاتار ڇاپن دوران انڪشاف ٿيو ته مستحق عورتن جي امدادي رقم مان غير قانوني ڪٽوتيون ٿي رهيون هيون. پوليس موجب، هن وقت تائين 38 ڊيوائس آپريٽرن ۽ ايجنٽن خلاف ايف آءِ آرز داخل ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته 150 ڊيوائسز کي بند ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.