ملير جيل مان فرار قيدين جي انگ اکرن ۾ تضاد جو نوٽيس

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ملير جيل مان قيدين جي فرار جو معاملو، جيل کاتي جو صوبائي وزير علي حسن زرداري جو ڊسٽرڪٽ ملير جيل جو اوچتو دورو، صوبائي وزير علي حسن زرداري پاران فرار ٿيل قيدين جي انگن اکرن ۾ تضاد جو نوٽيس ورتو، قيدين جي درست انگ اکر نه ڏيڻ تي اڳوڻي جيل عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار، صوبائي وزير وزيراعليٰ سنڌ کي ذميوار آفيسرن خلاف وڌيڪ کاتي واري ڪارروائي جي سفارش پڻ ڪري ڇڏي،دوري دوران صوبائي وزير قيدين سان سندن ڪيسن، صحت ۽ خوراڪ بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون، ان موقعي تي حاجي علي حسن زرداري چيو ته هو صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي جيل آيو آهي، پارٽي قيادت جي هدايت آهي ته قيدين کي هر قسم جي سهولت فراهم ڪئي وڃي، قيدين ۽ ملاقاتين کان رشوت طلب ڪرڻ يا کين تنگ ڪرڻ وارو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.