بجلي بلن تي 10 سيڪڙو سرچارج لڳائڻ جو پلان

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت بجلي جي بلن تي 10 سيڪڙو سرچارج لڳائڻ جو منصوبو تيار ڪري رهي آهي، جيئن وڌندڙ گردشي قرضي تي ضابطو آڻي سگهجي، تفصيلن موجب، بجلي جي بلن تي 10 سيڪڙو سرچارج لاڳو ڪرڻ لاءِ نيپرا قانون ۾ ترميم ڪئي ويندي، جنهن کان پوءِ هن منصوبي تي عملدرآمد ممڪن ٿيندو، منصوبي جي ڪاميابي لاءِ هڪ نظام آندو ويندو، جنهن کان پوءِ وفاقي حڪومت کي ڊي ايس ايس (DSS) جي تحت سرچارج لاڳو ڪرڻ جو اختيار حاصل هوندو، توانائي ماهرن جي مطابق، اهو سياسي طور تي خطري وارو قدم آهي، جيڪو توانائي جي شعبي جي بحالي ۽ آءِ ايم ايف جي حمايت يافته سڌارن جي رستي تي هلڻ لاءِ کنيو پيو وڃي، گذريل ڏينهن بجيٽ تقرير دوران ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو هو ته موجوده گردشي قرضي جي ادائيگي کي ري فنانسنگ ذريعي منظم ڪرڻ لاءِ، ڪنهن به ڊيٽ سروسنگ سرچارج (DSS) کي صرف اصل قرض جي ادائيگي لاءِ استعمال ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.