پرڏيهي واءُ سواءُ روس يوڪرين جنگ: يورپ ڄاڻي واڻي جنگ کي وڌائي رهيو آهي ؟

تحرير: ماهر علي

 1914 جي ابتڙ، يورپ اڄ حادثاتي طور تي جنگ ڏانهن نه پيو وڌي.بلڪھ اهو شعوري طور تي هڪ اهڙي جنگ جي تياري ڪري رهيو آهي جيڪا ان کي ُپرڪشش لڳي رھي آھي، جڏهن ته ان ۾ يورپ جو ڌيان روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ دشمني تي آهي، جتي يوڪرين تازو ئي هڪ طاقتور ڊرون حملو ڪيو جنهن جو مقصد پنهنجي دشمن جي هوائي صلاحيتن کي نقصان پهچائڻ هو.

ولاديمير زيلنسڪي دعويٰ ڪئي ته آپريشن اسپائيڊر ويب ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 روسي هوائي اڏن تي 40 کان وڌيڪ اسٽريٽجڪ بمبار تباهه ڪيا ويا يا نقصان رسايو ويو. ان حملي جي رٿابندي 18 مهينن کان وڌيڪ عرصي ۾ ڪئي وئي ھئي. ظاهري طور تي، لاري ڊرائيور جيڪي سوچي رهيا هئا ته اهي ڪاٺ جون ڪيبنون پهچائي رهيا آهن پر حقيقت ۾ اهي اصل ۾ لڪيل ڊرون کي پنهنجن هدفن جي ويجهو آڻي رهيا هئا. روس ”دهشتگرد“ حملي جي تصديق ڪئي آهي پر ان ممڪن نقصانن جي وضاحت نه ڪئي آهي (بلڪل اھڙي طرح جھڙي ريت گذريل مهيني پاڪ ھند اڻ  اعلانيل  لڙائي ۾ ٿيو ھو)

بهرحال، ان ڳالھھ جو گھٽ ئي امڪان آھي تھ ڪيف جي اھا حڪمت عملي ڌرين کي ُپرامن حل ڏانهن وٺي ويندي. يوڪرين اهو حملو اهڙي وقت  ۾ ڪيو آھي  جڏهن روس يوڪرين تي پنهنجو سڀ کان وڏو ڊرون ۽ ميزائل حملو ڪيو هو. جيتوڻيڪ روس جي انهيءَ وڏي حملي جي نتيجي ۾ گهٽ جاني نقصان ٿيو، جڏهن ته غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ وڌيڪ  سھادتون ٿيون ھيون.

مجموعي طور تي، هن يورپي جنگ ۾ قابل مذمت ۽ وڏي حد تائين هڪ طرفي وچ اوڀر تڪرار کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون آهن. ٻنهي  معاملن ۾ واضح سوال اهو ئي ٿيڻ گهرجي ته جنگ کي ڪيئن روڪي سگھجي ٿو ۽ هڪ پرامن، انصاف ڀريو حل ڪيئن ڪڍي سگھجي ٿو. يورپ لاءِ  اھو صدمو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه هڪ اھڙي امن معاهدي تي غور ڪري رهي آهي، جنھن سان  ولاديمير پوتن کي گھڻي قدر اھا زمين ملي ويندي، جيڪا روس جنگ دوران حاصل ڪئي ھئي.

اها يوڪرين سان انتھائي ناانصافي هوندي،تھ جيڪو 1991 ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ کان وٺي پنهنجي سرحدن کي برقرار رکڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. پر يوڪرين تي تڪرار سوويت يونين کان بھ تمام گهڻو پراڻو آهي ۽ پيوٽن پنهنجي نظريي جي تائيد لاءِ تاريخ جي ڪجهه حصن جي چونڊ ڪئي ڪري ورتي آهي ۽ هڪ اهڙي بيانئي کي تخليق آهي جيڪو 21 صدي جي دنيا جي ڪم ڪرڻ جي طريقي کان مڪمل طور تي مختلف آهي.

اھا ئي تنقيد اسين ولاديمير پوتن جي حريفن  تي به ڪري سگهون ٿا. جيڪي هڪ اهڙي تنظيم ۾ شامل آهن جنھن کي اعتماد نھ آھي تھ اھي پنهنجي اڳوڻي صدارت جي دور ۾ ڊونلڊ ٽرمپ  آمريڪا جي نيٽو مان نڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. هن ڀيري هن اهو چتاءَ تھ نھ ڏنو آھي. پر هو اتحادين کي فوجي تيارين تي وسيلا خرچ ڪرڻ لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو نظر اچي ٿو. سندس ڪيترا ئي اتحادي هٿيارن تي پئسا خرچ ڪرڻ لاءِ به تيار آهن.

يورپ جي اولهه واري ساحل  تي واقع هڪ ٻيٽ برطانيه  ”جنگ جي تياري“ لاءِ هٿيارن تي اربين ڊالر سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان جي دفاع واري سيڪريٽري جي مطابق، برطانيه جو موقف ماسڪو، سان گڏوگڏ بيجنگ، تهران ۽ پيانگ يانگ کي بھ ”هڪ مضبوط پيغام“ موڪليندو. پر شايد اسان کي هڪ اهڙي ملڪ کان هوشيار رهڻ گهرجي جنھن اعليٰ قدرن لاءِ بيهڻ جي دعويٰ ڪئي پر ان نار ۽ ٻين هنڌن تان روسي ارب پتي ۽ مشڪوڪ  سيڙپڪارن کان ملندڙ پئسن جي به آجيان ڪئي آهي.

ڪيتريون ئي ٻيون يورپي قومون پڻ ساڳئي درجي ۾ اچن ٿيون، يعني اھي بھ آمريڪا کي خوش ڪرڻ جي ڪوشن ۾ رڌل آھن. آمريڪا اڪثر ڪري انهن ڪوششن کي نظرانداز ڪري ٿو ڇڏي جن ۾ لگذري جيٽ جھڙي چمڪ يا مهانگي شيءَ شامل نه هجي. ملڪن جو هڪ ننڍڙو گروپ مخالف رخ ۾ وڃي رهيو آهي،يعني اھو روس کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

هنگري جي اڳواڻ وڪٽر اوربان اها بيوقوفاڻي دعويٰ  ڪئي آھي  ته آمريڪي صدر (جيتوڻيڪ هو ڪوڙ ڳالهائي ٿو) ماڻھن کان سچ ڪرائڻ واري هڪ ”سچ سيرم“ وانگر آهي. سلوواڪيا جي اڳواڻ رابرٽ فيڪو به ساڳيا خيال رکي ٿو.  جيتوڻيڪ اٽلي جي وزيراعظم، جارجيا ميلوني، جنھن جو ماضي  انتهائي ساڄي ڌر سان لاڳاپيل رھيو آهي، پر هوءَ  روس جي سرعام حمايت نھ ڪندي بھ يورپي اڳواڻن ۽ ٽرمپ سان گڏ هلڻ چاهي ٿي.

پر پرتگال کان پولينڊ تائين، انتهائي ساڄي ڌر جون سياسي جماعتون واشنگٽن ۾ نئين انتظاميا جي حمايت ۾ وڌي ويجھي رهيون آهن. گذريل مهيني، پرتگال جي چيگا پارٽي، پنھنجي آمريت جي تختي اونڌي ڪرڻ جي 50 سال بعد لزبن ۾ مکيه اپوزيشن طور اڀري آھي، جڏهن ته هن هفتي پولينڊ ۾ ڪيرول ناوروڪي، ٽرمپ  ”ميڪ آمريڪا گريٽ اگين“ تحريڪ جي پرچار بعد وارسا جي ميئر رافال ٽرزاسڪووسڪي کي ان جي ڪرسي تان هٽايو ويو.

ان کان علاوه، سنگاپور ۾ ٿيندڙ  شنگريلا ڊائلاگ ۾ ٽرمپ جي دفاع واري سيڪريٽري پيٽ هيگسيٿ، آمريڪا جي ايشيا-پئسفڪ اتحادين کي چين پاران امڪاني خطرن کي نظر ۾ رکندي فوجي خرچن ۾ اضافي نھ ڪرڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو.

 ان جي  ٿوري دير کان پوءِ جرمن دفاع جي سربراهه ڪارسٽن بريور  اعلان ڪيو ته نيٽو ميمبرن کي ايندڙ چئن سالن اندر روسي حملي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو. ڪجهه ڏينهن اڳ،جرمن چانسلر فريڊرڪ مرز ٻي عالمي جنگ بعد پھريون ڀيرو جرمن فوجين کي مستقل طور تي ٻاهرين ملڪن ۾ مقرر ڪرڻ تي لٿونيا جو دورو  ڪيو.

اهڙي قسم جي اٽڪلبازين سان ماسڪو کي جيڪو پيغام ملي ٿو ان جو تصرو ڪرڻ  مشڪل نھ آھي. هڪ مڪمل جنگ روس ۽ يورپ ٻنهي لاءِ خوفناڪ ثابت ٿيندي، پر ان سوال کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي تھ ڇا پيوٽن جي ضد ۽ يورپ جون جارحاڻيون فوجي چالون، ان جنگ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون جنهن جو ھر ڪنھن کي خوف آھي؟

يورپ کي ٽرمپ ۽ سندس خواھشن تي ڀروسي ڪرڻ بدران موثر سفارتڪاري تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، تھ جئين ھڪ وڏي عالمي تڪرار کان بچي سگھجي. اھڙي جنگ جيڪا حقيقت ۾ کٽي نٿي سگھجي.ان لاءَ تيار ٿيڻ ۽ ان تي پئسا خرچ ڪرڻ بدران يورپ کي پنهنجي محدود وسيلن کي گهر جي اندر   سماجي معاشي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.