لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا پاڪستان جي چئن اڀرندڙ ستارن جا نالا ٻڌائي ڇڏيا.
سلمان علي آغا عيد جي موقعي تي هڪ پروگرام ۾ گفتگو ڪندي حسن نواز، صائم ايوب، محمد حارث ۽ صاحبزادا فرحان کي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا اڀرندڙ ستارا قرار ڏنو.
هن چيو مون کي يقين آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ جو مستقبل انهن چئني رانديگرن جي چوڌاري گهمندو، منهنجي خيال ۾ اهي چارئي ميچون کٽرائڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
You might also like