بلاول ڀٽو ۽ محسن نقوي جي ايوانِ صدر ۾ ملاقات، اهم معاملن تي صلاح مشورو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ اهم ملاقاتن ۽ مشاورت کانپوءِ ڪراچي روانو ٿي ويو.
ذريعن موجب، گذريل رات ايوانِ صدر ۾ اهم ملاقاتون ٿيون، جن دوران مختلف معاملن تي مشاورت ڪئي وئي ۽ ڪيترن ئي معاملن تي اتفاقِ راءِ ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري کانپوءِ صدر آصف علي زرداري به اڄ شام اسلام آباد کان ڪراچي روانو ٿيندو.
ذريعن موجب، گذريل رات صدر آصف علي زرداري سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ بلاول ڀٽو زرداري جون ڌار ڌار ملاقاتون ٿيون.
ملاقاتن دوران اهم سياسي ۽ انتظامي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ذريعن موجب، بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ واري معاملي تي پنهنجا خدشا برقرار رکيا آهن.
ان کانسواءِ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پ پ پنجاب جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف ملاقات ڪئي.
زرداري هائوس ۾ ٿيل ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملڪ جي سياسي معاملن ۽ پارٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پ پ آزاد ڪشمير جي صدر چوڌري ياسين پڻ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران آزاد ڪشمير سان لاڳاپيل سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

You might also like