اڄ ايشيا جي ان عظيم مفڪر محترم رسول بخش پليجو صاحب جي ستين ورسي جو ڏينهن آهي، جنهن متعلق اڃا ڪو ليکڪ اهو فيصلو ناهي ڪري سگهيو ته رسول بخش پليجو صاحب بنيادي طور تي ليکڪ هو، اديب هو، ترجمي نگار هو، سياستدان هو، موسيقار هو، حڪمت عملي جو ماهر هو، سماجي ڊاڪٽر هو، مقرر هو، وڪيل هو، استاد هو، يا اڃان ٻيو ڪجھ هو؟ ڇو ته هن هر شعبي سان پاڻ ملهايو آهي، جڏهن هو ادبي ميدان تي لهي ٿو ته انڌا اونڌا ويڄ، مارن منجهھ مياس، ڌراڙن جا ڌڪ، ڪوٽ لکپت جو قيدي، پسي ڳاڙها گل ۽ صبح ٿيندو جهڙا شاهڪار تخليق ڪري انتهاپسند ٽولي کي تحس نحس ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ساڻيھ واسين کي پر امن جدوجهد ذريعي قومي وجود بچائڻ جو صحيح گس ۽ واٽ ڏئي رهنمائي ٿو ڪري ۽ لطيف جي شاعري جي تشريح ڪري ۽ ان کي عوام ۾ نئين سر متعارف ٿو ڪرائي ته لطيف کان پٽ ۽ ڌيئرون پنڻ بجاءِ ان جي فڪر کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، لطيف باغي شاعر آهي، انقلاب جو شاعر آهي ۽ پورهيتن جو شاعر آهي،
هو جڏهن سياسي ميدان ۾ لهي ٿو ته سياست کي وڏيرن، سيدن، نوابن، ميرن، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي بند هالن ۽ ڊرائنگ رومن مان بازياب ڪرائي روڊن تي کڻي ٿو اچي ۽ ان جي اڳواڻي ڪنھن خان نواب ۽ جاگيردار کي ڏيڻ بجاءِ قاضي غفار، امان الله ٻپڙ، لکمير ڏاهري، پيرل ڀاڻو، امين خاناڻي، الھڏتو لغاري، علي سوڍو، جبل ڏيٿو، جمعو نوحاڻي، موسا درس، اسماعيل گگهڙ، ڪرم ڪلوئي ۽ حڪيم هاليپوٽو جھڙن هزارين هارين پورهيتن ۽ هيٺين وچولي طبقي جي ماڻھن حوالي ٿو ڪري،
هو جيجي زرينه بلوچ جي ساٿ سان جڏهن موسيقي جي ميدان ۾ لهي ٿو ته عشقيه ۽ بازاري شاعري جي بجاءِ
”جيئي سنڌ جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ“
”ڳاءِ انقلاب ڳاءِ“
”سنڌ ھاري جي سنڌ مزدور جي،
سنڌ ڪنهن پير يا مير جي ڪين آ،
سنڌ دولت انهيءَ جي جو مسڪين آ“
يا
”پنهنجي رت ۾ ريٽو جهنڊو،
اڀ تائين جهوليندو،
اهڙو ڏينهن به ايندو ساٿي“
جھڙا هزارين گيت فضا ۾ گونجڻ لڳن ٿا جيڪي عوام ۾ مزاحمت جو روح ڦوڪين ٿا.
هو جڏهن سنڌياڻي تحريڪ جو بنياد وجهي سنڌ جي ھيسيل پيڙهيل ۽ غلام بڻايل عورت کي قومي اسٽيج تي آڻي جاگيرداري ۽ قبائلي سسٽم جي پشت پناهي هيٺ ڪارو ڪاري جو ڪاروبار ڪندڙ ڌرين جا ڏند کٽا ٿو ڪري،
هو جڏهن وڪالت جي ميدان ۾ اچي ٿو ته رسول بخش پليجو پنهنجي قوم، ڌرتي ۽ درياھ جو وڪيل بنجي ڌاري آباديءَ جي يلغار، قومي وسيلن، نوڪرين ۽ پاڻي جو ڪيس نه رڳو انگن اکرن سان پيش ٿو ڪري پر لاهور ۾ ويھي اسٽيبلشمينٽ جي ڇاڙتي حميد گل سان مخاطب ٿي سندس اکين ۾ اکيون وجهي پنهنجو قومي ڪيس رکي کيس لاجواب ٿو ڪري ڇڏي،
اهڙي طرح ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ ۾ گهر گهر وڃي ماڻهن کي بيدار ڪري عوام جي ساٿ سان لانگ مارچ ڪري ان وقت جي حڪمران نواز شريف کي ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪرڻ تي مجبور ٿو ڪري، ايم آر ڊي جي تحريڪ، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو تحريڪ کان نيلام بند ڪريو، صحافين جي تحريڪ ۽ عدليه جي آزادي جي تحريڪ تائين پنهنجي اٿاھ علم ڏاهپ ۽ حڪمت عملي سان هن بدبودار سماج جي ڪڌين ريتن رسمن خلاف هر مورچي تي عملي چوٽون کائڻ واري شخصيت جو نالو رسول بخش پليجو آهي.
ڏسي ڇڏيوسين ذلتن جي ڪارخاني سان،
ڪوئي فنڪار وڙهي ٿو ته ڪيئن ٿو وڙهي،
تو ۾ ئي ٻولي جي سونهن کي ڏسجي،
شفاف آئينو نڪور بنھ نج آهين،
ڪوئي سورج مکي تاريخ سڀاڻي هوندي،
رات جي توسان دشمني ٿي چوي تون سج آهين.
آئون جامي چانڊيو صاحب جي ان ڳالهھ سان سهمت آهيان ته پليجو صاحب سان هر ڪچهري توڙي سندس ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ماڻهو کيس نئين سر دريافت ڪندو آهي،
پليجو صاحب جي ادا ڪيل هر ڪردار تي ريسرچ ٿيڻ کپي ته رسول بخش پليجو اديب آهي ته ڪيئن آهي، لطيف جو پارکو آهي ته ڪيئن آهي، نقاد، مقرر، دانشور، ترجمي نگار، سماجي ڊاڪٽر، نفسيات جو ماهر ۽ شاعر آهي ته ڪيئن آهي، اها ريسرچ علمي حوالي سان پسند نا پسند ۽ شخصيت پرستي کان بلڪل آزاد ۽ غيرجانبدار ٿي ڪرڻ جي ضرورت آهي خود پليجو صاحب پاڻ چوندو هو ته مون سميت سائين جي ايم سيد ۽ ذوالفقار علي ڀٽي تائين سڀني تي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي، حساب ڪتاب ڪريو ته ڪنهن ڪيترا خراب ڪم ڪيا ڪيترا چڱا ڪم ڪيا، ڪنھن سنڌ کي سڀ کان وڌيڪ نقصان ڏنو ۽ ڪنهن فائدو ڏنو؟
هن وقت سنڌ تي چئني طرفن کان دشمن قوتن جو گهيرو آهي چولستان جون هزارين ايڪڙ زمينون آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين زرعي انقلاب جي نالي ۾ فوجي ادارن کي ڏيڻ لاءِ قانونسازي ڪئي وئي آهي، ڪارونجهر کي ڪٽيو پيو وڃي، ڪوهستان، هاليجي، گورک ، ڀنڀور ۽ ڪينجهر تي قبضا تيزي سان جاري آهن، ڌارين جا ڪٽڪ هر روز ڪڙڪي رهيا آهن، تعليمي ادارن کي غنڊن ۽ تعليم دشمن قوتن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، معصوم ٻارن سان جنسي زيادتيون ٿين پيون، عدليه کان من پسند فيصلا ڪرايا ٿا وڃن، اپر سنڌ کي مڪمل طور ڌاڙيل راڄ بڻايو ويو آهي جنهن جي اڳيان دنيا کي ائٽم بم جون ڌمڪيون ڏيندڙ فورس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به بيوس ٿا ڏسجن، لاڙ ۾ منشيات جي ڪاروبار کي زور وٺائي ماڻهن کي موت جي منهن ۾ ڏنو ويو آهي، پريا ڪماري، فاطمه ڦرڙو، نائلا رند، نوشين ڪاظمي، نمرتا ڪماري سميت ٻيون هزارين سنڌ جون نياڻيون خونخوار بگهڙن جي نشاني تي آهن، نصررالله گڏاڻي، جان محمد مهر ۽ عزيز ميمڻ جھڙن بيباڪ صحافين جو قتل عام جاري آهي، اسڪول مڪمل بند آهن، سفارش، پنهنجا نوازي ۽ ڪرپشن کي عروج تي پهچايو ويو آهي ان کانسواءِ صحت، زراعت ۽ روينيو جي حالت به ڪنهن کان ڳجهي ناهي، سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اڄوڪين حالتن ۾ جيڪڏهن رسول بخش پليجو صاحب زندھ هجي ها ته اهو گهر ويهي سکڻا پريس بيان ڪڍي ها، جرڳا ڪرائي ها، مذمتي بيان ڏئي ها ۽ وڏيرن ۽ سردارن سان اليڪشني اتحاد ڪري مطئمين ٿي انهن تي فخر ڪري ۽ ٻانهن سيراندي ڏئي آرام ڪري ها يا عملي ميدان تي هجي ها؟ يقينن ميدان تي هجي ها، جيئن سندس پارٽي عوامي تحريڪ هر مسئلي تي وقتائتو آواز اٿاري پنهنجي قائد سان ڪيل وچن کي نڀائيندي اها شمع وسامڻ ناهي ڏني،
تنهن ڪري اسان جي باشعور عوام کي سمجهڻ کپي ته مٿي ذڪر ڪيل مڙني مسئلن جو حل گهر ۾ ويهڻ يا ڀوتارن ۽ وڏيرن جي اوطاقن جي حاضري ڀرڻ ۾ ناهي ان لاءِ ڊگهي، اڙانگي ۽ پر امن جمهوري جدوجهد جي ضرورت آهي، اهو گس صرف رسول بخش پليجو وٽ آهي ان جي فهم ۽ فڪر کي سمجهڻ ۽ عام ڪرڻ ۾ ئي آهي.
اڄ پڻ گھرجين تون بڊاماڻي پنڙا،
مٿان مٿي مون ويرين واٽون لائيون.