اسان کي قرباني جو اصل مقصد سمجھڻو پوندو

تحرير: ياسمين چانڊيو

عيدُ الاضحى ويجهو اچي وئي آهي. شهر، چوپائي مالن سان ڀرجي ويا  آهن. جتي ڪٿي وڏيون وڏيون پڙيون لڳيون ويون آهن، ڍڳيون، ڳئون، ٻڪريون، مينهون، اٺن سميت هر قسم جا جانور وڪري لاءِ  موجود آهن. جتي هڪ پاسي مذهبي جزبي سان خريداري ٿي رھي آھي، اتي ٻئي پاسي دھلن ڌمامن، وڊيوز، سيلفيون، رنگين ريشمي پٽيون، ۽ قيمتي زنجيرن سان سينگاريل جانور نظر اچن ٿا. سو  اھو سڀ ڪجهه ڏسي مسلسل دل مان سوال اٿندا آھن. ڇا قرباني جو اصل مقصد اڄ به ساڳيو آهي، جيڪو حضرت ابراهيم عليه السلام اسان کي سيکاري ويا هئا؟

اسلام ۾ قرباني جو مطلب رڳو جانور ذبح ڪرڻ نه، پر پنهنجي خواهشن، هوس، انا ۽ مال جي محبت کي الله جي راهه ۾ قربان ڪرڻ آهي. اها ياد آھي ان لمحي جي، جڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام پنهنجو پٽ حضرت اسماعيل عليه السلام الله جي رضا لاءِ قربان ڪرڻ تي تيار ٿي ويا. اهو جذبو، اها تابعداري، اها خالص نيت ئي اصل قرباني هئي.

پر اڄ جو حال ڏسجي ته لڳي ٿو ته مقصد رڳو قرباني نه، پر ڏيکاءُ آهي. سوشل ميڊيا تي تصويرن جا سلسلا، جانورن جا نالا، سندن قيمت، سندن نسل ۽ ان تي فخر، هي سڀ الله جي رضا لاءِ نه پر دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ ته ماڻھون تي سٺو تاثر پوي. جڏهن لکين رپيا هڪ جانور تي خرچ ڪيا ويندا آھن.

 ته ان سان، اسان جي معاشري ۾ معاشي ويڇو به ڏينهون، ڏينهن وڌندو ويندو آھي. امير وڌيڪ امير ٿي رهيا آهن، غريب وڌيڪ مجبور. هڪ پاسي لکين رپين جا جانور خريد ڪري قرباني جي نالي تي ڏيکاءُ ڪيو پيو وڃي، ٻئي پاسي اھڙا  گهر به آھن . جتي ٻارن جي اسڪول جي في لاءِ پئسا ناهن، جتي مائٽن وٽ بيمار لاءِ دوا جي به سگهه ناهي، جتي جوان بيروزگار ۽ محروميءَ جو شڪار آهن.

 ھت ھڪ سوال جيڪو مان ھن معاشري کان ڪرڻ چاھيان ٿي ته! جيڪڏهن هڪ شخص پنج کان ڏھ لک رپيا جانور تي خرچ ڪري ٿو ۽ اهو گوشت رڳو ڪجهه ماڻهن تائين محدود رهي ٿو، ته ڇا اها قرباني  الله جي نظر ۾ قبول ٿيندي،؟

اسان جا ماڻهو سنتون ته پوريون ڪن ٿا، خاص طور تي عيد قربان تي قرباني ڪرڻ کي انتهائي جذبي سان ادا ڪن ٿا. قيمتي جانور خريد ڪيا وڃن ٿا، انهن جي سٺي سنڀال ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪٿي ڪٿي فلاحي نالي سان، وڏي پيماني تي گوشت ورهايو وڃي ٿو. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته جتي سنت پوري ڪئي وڃي ٿي، اتي ڪيترائي فرض، جيڪي الله سائين پاڻ قرآن پاڪ ۾ واجب قرار ڏنا آهن، گھڻو ڪري، نظرانداز ڪيا وڃن ٿا.

ڪن ماڻھن جو چوڻ آهي ته قرباني واجب آهي پر ڪن ته انھن ٻنهي لفظن کي رسم ڪري ڇڏيو آھي.

اسلام ۾ فرض اهي عمل آهن، جن کي پورو ڪرڻ لازمي آهي ۽ جن کي ڇڏي ڏيڻ تي سخت وعيد آهي. اچو ته ڏسون ته اهي ڪهڙا فرض آهن، جيڪي عيد قربان تي ته ياد ناهن ايندا، پر روزاني زندگيءَ ۾ به اڪثر انھن جو ذڪر ڪري اسان پاڻ کي دين وارا سڏرائيندا آھيون.

 اسان  مھانگن  جانورن جي قرباني ته ڪريون ٿا، پر نماز؟ ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي عيد جي نماز ته ادا ڪن ٿا، پر باقي سال جي پنج وقتن جي نماز وساري ويهندا آهن.

رمضان شريف جا روزا به فرض آهن، پر ڪيترائي روزا ڇڏيندا آهن بغير ڪنهن شرعي عذر جي.

ڇا اسان قيمتي جانورن جي ڀيٽ ۾ زڪوات ڏيئي ڪنھن غريب لاءِ اجھي جو بندوبست نٿا ڪري سگهون ؟

 زڪوات ،هر اُن شخص تي فرض آهي، جيڪو نصاب جي حد تائين مالڪ آهي. پر ان جي بدران امير ماڻهو قرباني تي لکين رپيا خرچ ڪري ٿو، ۽ زڪوات نٿو ڏئي، يا ڏئي به ته بس واجبي نموني، ڏيکاءَ لاءِ.

 حج جيڪو وس وارو آهي، يعني حج تي وڃڻ جي مالي سگهه رکي ٿو، ان تي حج فرض آهي. پر ڪيترائي ماڻهو قرباني لاءِ ته بار بار جانور وٺن ٿا، حج لاءِ ڪڏهن نيت به نه ڪندا آھن يا انھن مھانگي جانورن جي ڀيٽ ۾ ڪنھن غريب کي عمري جي سعادت حاصل ڪرائن ته ڪيڏو نه نيڪيءَ جو عمل ٿيندو.

 جيڪڏهن اسان پاڻ کي مسلمان ٿا سڏرايو ۽ شريعت تي عمل پيران آھيون ته پوءِ، قرآن پاڪ ۾  بار بار انساني حقن، غريبن، يتيم جي مدد، امانت جي حفاظت، ڌوڪو نه ڏيڻ، رشوت نه وٺڻ ۽ ظلم کان بچڻ جو حڪم آھي، ته ڇا اسان، اھي حڪم يا اهي فرض نڀائيندا آھيون؟

قرباني ته ظاهر  آ سنت آهي، پر فرض الله سائين جا حق آهن. جيڪڏهن اسين قرباني ته ڪريون ٿا، پر نماز، زڪوات، سچ، انصاف، ايمانداري وساري ويهون، ته پوءِ ان ھوندي اھا قرباني ڪھڙي قسم جي؟ يا رسمن، ڏيکاءَ جي.

اصل دين ته ان وقت مڪمل ٿئي ٿو، جڏهن سنتن سان گڏ فرض به ادا ٿين.

الله سائين، قرآن پاڪ ۾ ۽ رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم ،پنهنجي حديثن ۾ بار بار انسانن سان حسنِ سلوڪ، نرمي، رحم، ۽ حق ادا ڪرڻ جي تلقين فرمائي آهي. حديث شريف ۾ !

 الله تعاليٰ فرمائي ٿو! مان حقوق الله معاف ڪري سگهان ٿو، پر حقوق العباد معاف نه ڪندس جيستائين منهنجو بندو پاڻ معاف نه ڪري.

ان مان صاف ظاهر آهي ته الله کي پنهنجي بندن سان محبت، انصاف ۽ اخلاق سان پيش اچڻ وڌيڪ پسند آهي.

تنهن هوندي، افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄڪلهه اسان جي معاشري ۾ هڪ وڏو تضاد نظر اچي ٿو. مون اھڙا ماڻهون ڏٺا آهن، جن جي نراڙ تي سجدن جا نشان هوندا آهن، پر سندن زبان مان اخلاق جو هڪ سادو جملو به  نڪرندو ناھي. سندن رويو، گفتگو، ۽ عمل ٻين لاءِ اذيت جو سبب بڻبو آهي.

ڇا اها ئي اسلام جي تعليم آهي؟ ڇا الله صرف ظاهري عبادتن سان خوش ٿيندو؟

نه! اسلام هڪ مڪمل ضابطه حيات آهي، جيڪو صرف نماز، روزو، حج،زڪوات، يا قربانيءَ تائين محدود ناھي، پر ان جو سڀ کان وڏو محور انسانن سان انصاف، رحم ۽ اخلاق آهي.

جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو نماز ته پڙهي، پر زبان سان بي ادبي ڪري، ظلم ڪري، حق تلفي ڪري، ته پوءِ اها عبادت الله جي بارگاهه ۾ قبول ڪيئن ٿيندي؟

ڇا اسان واقعي ان تعليم تي عمل پيرا آھيون، جنهن ۾ چيو ويو ته:

 جنهن منهنجي بندن کي خوش ڪيو، ان مون کي خوش ڪيو؟

قرباني ضرور ڪريو، اها حضرت ابراهيم عليه السلام جي سنت آهي، پر اهي فرض به وسارڻا نه آهن، جيڪي قرآن پاڪ ۾ الله سڌيءَ ريت اسان تي لاڳو ڪيا آهن. ڇو ته سنت ادا ڪرڻ فضيلت آهي، پر فرض ڇڏڻ غفلت ۽ نافرماني.

 تازو ٽي ويءَ تي خبرون ڏسي حيرت ۾ پئجي ويس، ملتان جو هڪ ارب پتي، قربانيءَ لاءِ ٻاهرين ملڪن مان ڪرڙوين جا جانور گهرايا هئائين. ۽ ان ئي لمحي هڪ ٻي خبر هلندي نظر آئي ته هڪ ننڍڙي ٻارڙي کي ٿيليسيميا جهڙو موذي مرض لاھڪ آھي جنھن جي علاج لاءِ ويھ لک گھربل آھن.

تڏھن مان سوچيندي رھيس ته ڪيڏو نه بي حس سماج آھي .

جتي جانورن جي ڀيٽ ۾ انسان سستو ٿي ويو آھي.

ڇا اسان قيمتي جانورن جي ڀيٽ ۾ زڪوات ڏيئي ڪنھن غريب جي زندگي نٿا بچائي سگھون ؟

اصل دين ان وقت مڪمل ٿئي ٿو، جڏهن سنتن سان گڏ فرض به ادا ٿين.

قرباني ضرور ڪريو، اها حضرت ابراهيم عليه السلام جي سنت آهي، پر اهي فرض به وسارڻا نه آهن، جيڪي قرآن پاڪ ۾ الله سڌيءَ ريت اسان تي لاڳو ڪيا آهن. ڇو ته سنت ادا ڪرڻ فضيلت آهي، پر فرض ڇڏڻ غفلت ۽ نافرماني.

ڪڏهن، ڪڏھن سوچيندي آھيان ته! ھڪ لحاظ سان، اُهي ڪافر به بهتر لڳندا آھن، جن جي دلين ۾ انسانيت، احساس ۽ رحم جي جهلڪ هوندي آهي.

 جڏهن قرباني ايمان جي جاءِ تي شان بڻجي وڃي، جڏهن نيت بجاءِ نمود مقدم بڻجي وڃي، تڏهن ان جو روح ختم ٿيڻ لڳندو آهي.

جيڪي ماڻھو عيدن تي وڏن وڏن جانورن جي قرباني ڪندا آهن، سي سڄو سال ڪنھن مسڪين يا ضرورت مند لاءِ ته چوڏھن سون جو ڪلو گوشت به ناھن وٺي ڏيندا. پر قربانيءَ جي نالي تي جڏهن لکين رُپيا لڳائي ڪو وڏو جانور وٺن ٿا، ته ان جو گوشت به رڳو ڪجھه چونڊ ماڻهن تائين محدود هوندو آهي. حساب لڳائجي ته اهو گوشت چوڏھن هزارن کان به وڌيڪ جو ڪلو پوي ٿو! پوءِ اهو عمل عبادت کان وڌيڪ ڏيکاءُ بڻجي وڃي ٿو. ڪيڏي نه عجيب رسم آهي، جيڪا نه برابري سيکاري ٿي، نه ئي ضرورت جو احساس پيدا ڪري ٿي، رڳو سماجي مقابلي جو  ميدان بڻجي وڃي ٿي.

اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اصل قرباني اها به آهي، جيڪا هڪ ماءُ پنهنجي ارمانن کي قربان ڪري ٻچن لاءِ ڪري ٿي. اها به قرباني آهي، جيڪا هڪ مزدور پيءُ پنهنجن خواهشن کي قربان ڪري ٻارن جي تعليم لاءِ پگهار مان بچت ڪري ٿو. اها به قرباني آهي، جيڪا استاد، هاري، ڊاڪٽر، ۽ سماج جا خدمتگار بي لوث ڪري رهيا آهن. انهن جون قربانيون بنا ڪنهن ڪئميرائن جي، بنا ڪنهن سوشل ميڊيا جي واھ واھ جي، زور تي ناھن .

جيڪڏهن ڪو امير ماڻهو پنهنجي قربانيءَ جي رقم مان ڪنهن نياڻي جي شادي ڪرائي، ڪنهن بيمار جو علاج ڪرائي، ڪنهن غريب جي تعليمي مدد ڪري، ته اها به هڪ وڏي قرباني ٿيندي، جيڪا الله جي بارگاھ ۾ انهن جانورن کان وڌيڪ پسنديده ٿي سگهي ٿي، جيڪي رڳو ڏيکاءُ لاءِ قربان ٿين ٿا.

عيد جو حقيقي روح تڏهن زندهه ٿيندو، جڏهن اوهان رڳو ڍڳي يا ٻڪري نه پر پنهنجي اندر جي خودغرضي، انا پرستي ۽ بي حسيءَ کي به قربان ڪندا. جڏهن اوهان الله لاءِ سوچيندا، نه ته ماڻهو ڇا چوندا. آخر ۾ ايترو ئي چونديس: عيد اُن کي مبارڪ، جيڪو ڪنھن جي بک مٽائي، ڪنھن جي ددرن جي دوا بڻجي ،ڪنھن جي دل جي خوشي بڻجي، ۽ رب جي رضا لاءِ خاموشيءَ سان قرباني ڏي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.