جتي قرباني فرض آهي اتي صفائي به نصف ايمان آهي ان ڪري هر مومن مسلمان تي اهو فرض آهي ته هو ٻئي فرض ۽ واجب دل سان نڀائي، توڻي جو اسان وٽ اڃان تائين اها روايت برقرار آهي ته ڪارو ٻڪر (ڇيلو) جي در جي چائنٺ تي ڪهبو ۽ قربان ڪبو ته ڌڻي پرچي پوندو ۽ ڏکيائيون دور ٿي وينديون، رزوي روٽي ۾ برڪت پوندي، بيماري بڙي معاف ٿي ويندي ۽ ان ٻڪر جي قرباني جي صدقي ڌڻي سڀ سُور به معاف ڪندو ۽ مصيبت مان ڇڏائيندو، ان ڪري درَ تي ڇيلو ڪهڻ ضروري آهي.
قرباني جو خاص تصور به اهو آهي ته پنهنجي مال جو صدقو ڏيو ۽ ٻارهو ئي معني سال ۾ هڪ دفعو ئي صحيح جيڪي به ڌڻي توهان کي ڏنو آهي، ان مان ڪجهھ حصو غريبن جي لاءِ به ونڊ ڪڍو ۽ انهن غريبن ۾ گوشت ورهايو، ماڻهن کي گوشت کارايو ۽ سنت ابراهيمي پوري ڪيو پر مصيبت اها به آهي ته جن غريب ماڻهن کي لوڻ مرچ ۽ گيھه خريد ڪرڻ جي طاقت يا وسيعت به نه هجي ته به انهن کي گوشت کارايو (اها ٻي ڳالھه آهي ته شهري آبادي هن عيد جي لاءِ خاص طور تي الڳ الڳ فرجون ۽ ڊيپ فريز به خريد ڪندي آهي، ته جيئن سڄي جا سڄا ڇيلا فرجن ۾ هليا وڃن ۽ پاڻ ذرو ذرو ڪري کائن، ۽ انهن جي مال ملڪيتن جي زڪوات به ان طريقي سان پوري ٿي سگهي ٿي ۽ سنت جي پيروي به ان صورت ئي ممڪن آهي ته جيڪي مذهب جا ”سمبل“ (علامتون) آهن، انهن جي پورائي سان ئي مذهبن جي پوئواري سمجهي يا سڏجي سگهجي ٿي نه ته نه. جتي روزا ۽ نمازون ۽ حج زڪواتون فرض آهن اتي صاحب استطاعت فردن تي اها ڳالھه به فرض آهي ته اهي عملي فرد بڻجي مذهبي هجڻ واري ڳالهھ پوري ڪري ڏيکارين. ان ڪري هر سال، هر روز ۽ هر گهڙي فردن تي لازم ۽ فرض آهي ته اهي پوئوارن هجڻ جي بنياد تي هر ڳالهھ جو پورائو ڪن ۽ انهن تي اها ڳالھه به ضروري آهي ته اهي مذهبن جي زنده رکڻ لاءِ مذهبن جون ضروري علامتون به پوريون ڪن ۽ عملي طور مذهبي پوئواري ڪن ۽ عمل ڪري ثبوت طور پيش ڪن ته اهي مذهبي آهن.
کائڻ ۽ پيئڻ جا احتياط به پنهنجي جاءِ تي جنهن ۾ ڊاڪٽر رمضان جي روزن وانگي ان ڳالھه تي زور ڏيندا رهندا آهن ته گهٽ ۽ وزن جو کائو پيئو ۽ گهمي ڦري، هلڪي ڦلڪي ورزش ڪري کاڌو پيتو لاهي ڇڏيو. پر هن عيد تي شهري علائقن ۾ جانورن جي ذبح ٿيڻ جو تناسب ۽ نسبت ڳوٺن ۽ ڪچين آبادين جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو هجي ٿو، جنهن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي ٿو ۽ هر سال ان ريشي ۾ خاطر خواھ اضافو به ٿيندو رهي ٿو، ان ڪري ته شهري آبادي ۾ خوشحالي جو ريشو به گهڻو هجي ٿو، اهي گهر جا سڀ ڀاتي ڪنهن نه ڪنهن روزگار سان لڳل هجن ٿا. شهري آبادي گهڻي ڀاڱي هن عيد جي لاءِ خاص بجيٽنگ به ڪري ٿي ۽ قرباني جا سڀ لوازمات، فرض ۽ واجبات به پورا ڪري ٿي. وري ساڳي تناظر ۾ عيد جي دوران شهرن جي هر خالي پِڙَ، گرائونڊ، غيرآباد پارڪ، وڏن روڊن جي ڪناري، سروس روڊ جي پاسي ۾ خيما هڻي، راند جي خالي ۽ غيرآباد ميدانن ۾ به شهري انتظاميا جي آشرواد سان مال جو پِڙيون لڳايون ويندون آهن. ان ڪري شهري ماڻهن جي لاءِ گهر کان هاءِ وي ۽ نيئن سبزي منڊي ڏي شهري ٽريفڪ پار ڪري اچڻ وڃڻ جي هڪ خاص مصيبت هجي ٿي، اتي گاڏيون پارڪ ڪرڻ انهن جي پارڪنگ فيس، وري مٿان جانورن جي پڙيءَ جي زبردست ڌوڙ، دزَ ۽ مٽي، جانورن جي واڙ ۾ انهن جي ڇيڻن ۽ مال جي اوڳر، مُٽَ ۽ پاڻيءَ جي نيڪال نه هجڻ جي ڪري هڪ خاص قسم جي ڌپ جا مسئلا پنهنجي جاءِ تي، پر اتي عسڪري ادارن جي آشيرواد سان جيڪي به شهر کان ٻاهر مال جون پڙيون لڳن ٿيون (يا لڳيون) انهن کي سنڀالڻ ۽ ماڻهن کي مدعو ڪرڻ به ٻه وڏا مسئلا هيا (جيڪي سدائين هجن ٿا) جنهن ۾ هڪ واڌارو ٽيڪس لڳڻ جي ڪري مال جي اگھن ۾ به گهڻو اضافو ٿيندو رهي ٿو (يا هيو) پر هيل ته مال، ڍڳا، ڍور، ٻڪريون، رڍون، ڇيلا ۽ اُٺ به شهرن جي رستن تي به پڙي جا ڏيک ڏئي رهيا هيا ان ڪري سڀني آسانيءَ سان اتان کان ئي پنهنجي گهرن تائين قرباني جا جانور پئي ورتا ۽ پاڻ لاءِ گهڻيون آسانيون پيدا ڪيون، ان ڪري ته هر ماڻهوءَ کي پنهنجي ئي پاڙي مان ڪو ڇيلو ۽ ٻڪري ملي پئي سگهي ۽ آسانيءَ سان لھ وچڙ ڪري، ڪو لاهوگاهو ڪرائي مال خريد پئي ڪري ويا ۽ قربانيءَ جا فرض نڀاين.
شهرن ۾ اڃان تائين اهو رواج ناهي ته ڪو ڪوس گهر هجي ڪو ”سينٽرڊ“ مال جي ذبغ ڪرڻ جي جاءِ هجي، يا جيڪو به ماڻهو مال ڪُهرائي يا ذبح ڪرائي ته اهي شهر يا پاڙي جي ڪنهن ڪوس گهر ۾ اهي پنهنجا ڍڳا، ڍور مثال ڇيلا، ٻڪريون، ڳئون، گابا، ڏاند، اُٺ، وڇون، پاڏا، مينهون يا رڍون ڪاهي وڃن ۽ اتان ڪهرائي واپسيءَ ۾ رڳو گوشت کڻي اچن، ان ڪري ته مال جا هڏا، کلون، ڪنُ، اوجهريون ۽ رافو رڳو انهن مخصوص ڪوس گهرن تائين محدود هجي ٿو، ان ڪري ته مال ڪنَ ۽ اوجهھ جي گهڻي ڦهلاءَ ۽ جاءِ جاءِ تي وکريل هجڻ جي ڪري شهري آبهوا ڪنهن شاعر جي چواڻي وانگي ته زخمي ٿي ٿي پئي ۽ عام معنائن ۾ شهري آبهوا تي ڪو خاص ڌپ جو اثر ٿئي ٿو ۽ هوا ۾ به بدبوءِ اچي ٿي، ان ڪري ته هڪ خاص ڪوس گهر ۾ نالين جي ذريعي مال جو رت وهي ٿو وڃي، ۽ باقي جيڪي ٻيون شيون يا ڪنُ هجي ٿو، اهي اتي جو اتي فيڪٽريون کڻي هليون ٿيون جن ۾ خاص مال جو کلون ۽ هڏا هجن ٿا، ان ڪري ته فيڪٽرين جي لاءِ اهي به ڪم جا هجن ٿا ايستائين جو مال جا سڱ به کڻي ٿا وڃن جن مان اهي ڪي شيون ٺاهن ٿا. پر نظام اڃان تائين سڌرن نه ٿا، ان ڪري ماڻهن ۾ ڪجهھ فرسودگي به آهي، جيئن مٿي چيوسين ته ماڻهو جيستائين پاڻ پنهنجي قربانيءَ جي جانورن تي هٿ نه ٿو گهمائي يا پاڻ ڇُري يا ڪاتي وهائي ڪُهي يا ذبح نه ٿو ڪري، تيستائين انهن جي تسلي نه ٿي ٿئي، ان ڪري ڪوس گهرن جو ”ڪانسيپٽ“ اڃان ڪنهن صديءَ جي دوريءَ تي آهي، جيڪو ممڪن به ناهي، ان ڪري ته اسان جي شهرن جا ڪوس گهر رڳو عام روڊ، رستا، ميدان، کُليل پَٽَ، ۽ ويران عام پبلڪ پارڪ ئي هجن ٿا، جتي اهي سڀ ماڻهو قطار ڪيون پنهنجي ڪاسائي جي اڳواٽ بُڪنگ ڪرائي ويهندا آهن، انهن کان خاص فيس ۾ لاهوگاهو ڪرائي، انهن کان ٽائيم سيٽ ڪري وٺندا آهن.
هڪ ٻي ڳالھه به ڏٺي وئي آهي ته صبح جو ساڍي ڇهين بجي جي نماز کان اڳ اهي ڪاساني ڪاتيون تکيون ڪيون موٽرسائيڪلن تي ٻه ٻه ٽي ٽي ڄڻا چڙهي پڄي ٿا وڃن ته اهي پاڻ ڪڏهن ۽ ڪهڙي نماز پڙهندا هوندا؟ ان ڪري ته ماڻهن جي نماز جي واپسي جيڪا صبح جو ستين کان اڳ ٿي چڪي هوندي آهي ته اها ڏٺو ويو آهي ته روڊن تي رَتُ ڦهليو پيو هوندو آهي ۽ ماڻهن جا ڍور ڍڳا منٽ ۾ ڪسجي ڪپجي ويندا آهن، ۽ گهڙي ۾ انهن مالڪن تائين اهي گوشت پڄي ويندا آهن، يا ڪنهن انهن ڪاساين کان اهو سوال نه ڪيو هوندو ته توهان عيسائي آهيو يا ڪي ٻيا غيرمسلم مذهبي ماڻهو جو انهن ته صبح جي نماز به نه پڙهي هوندي پر ڪوس ڪرڻ لاءِ پڄي ٿا وڃن ۽ اهي ايترا ته ڦڙت ۽ ايڪسپرٽ هوندا آهن جو منٽن ۾ ڍورن کي ليٽائي ڪهي کل لاهي ويندا آهن، جو کل تي ٽُڪو به ناهي ايندو ۽ واپسيءَ تي گوشت جون ٿيلهيون ڀري پنڌ وهائي نڪري ويندا آهن.
شهرن ۾ انهن سڀني وافر اندزا ۾ ٿيل قربانين جي ڪري صفائي سٿرائي جو مسئلو تمام گهڻو ٿو رهي، جو جنهن به روڊ رستي تي ڏسجي اتي رڳو مال جي اوجھ جا ڍير لڳا پيا هوندا آهن، ۽ رستن تان گذرڻ ۾ ساھ منجهائي ٽپڻو ٿو پوي ۽ اها خاص ڌپ هفتن جا هفتا رهي ٿي، پر گذريل سال وانگي هن سال شهري انتظاميا، خاص وڏن شهرن جي ميئرن جي سِرُ توڙ ڪوشش هوندي آهي (۽ هيل به هوندي) ته اهي شهرن جي صفائي ۾ تڪڙ ڪن ۽ مهل سان شهري انتظامن واريون خاص گاڏيون، ٽريڪٽر ۽ ٽراليون هلائين. هاڻي ته چين جي مدد سان خاص گاڏيون آيل آهن، جيڪي پاڻ گند ڪچرو ڍَلن ۾ ڀري کڻي ٿيون وڃن ۽ ڪنهن ڪُنڊ پاسي تي اڇلائي، پنهنجو وقتائتو فرض مهل سان نڀائن ٿيون. ان ڪري شهري آباديءَ جي هڪڙي خراب عادت اها به آهي ته جڏهن مينهن وسي ته شهري ۽ صوبائي انتظامن واريون گاڏيون انهن جي درَ تي بيهي رهن ۽ جيئن بارش وسي ته اهي صوبائي سرڪار وارا عملدار ٿالھه کڻي بيهن ۽ پاڻيءَ جو ڦڙو به هيٺ ڪِرڻ نه ڏين، تيئن هاڻي به شهري انتظامن مٿان اها ڳالھ فرض ٿي ٿئي ته پنهنجي عائد ٿيل فرضن مان هاڻوڪي عيد تي گڏ ٿيل گند ڪچرو به فورن ميڙي وڃن، ڄڻ ڍور ڍڳا ڪُٺا ئي نه هيا، مينهن وسڻ وانگي هاڻي به اهو ثبوت ڏين ته انهن وٽ شهري آباديءَ جي اوليت آهي ۽ اهي هر ڪم ۾ اڳ کان اڳرا هوندا.