اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) قومي اقتصادي ڪائونسل نئين مالي سال لاءِ معاشي هدفن ۽ ترقياتي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت زرعي آمدني تي ٽئڪس ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطا الله تارڙ، ۽ مشير رانا ثناءُالله سميت ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبن جي وڏن وزيرن، يعني پنجاب جي مريم نواز، سنڌ جي مراد علي شاهه، خيبرپختونخوا جي علي امين گنڊا پور، ۽ بلوچستان جي نواب سرفراز بگٽي پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل جي 6 نڪاتي ايجنڊا گڏيل طور منظور ڪئي وئي. اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته مالي سال 2024-25 لاءِ قومي ترقياتي پروگرام تي 3483 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا. مجموعي قومي پيداوار (GDP) جي واڌ لاءِ 2.7 سيڪڙو ۽ ايندڙ مالي سال 2025-26 لاءِ 4.2 سيڪڙو شرح مقرر ڪئي وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جولاءِ 2024 کان اپريل 2025 تائين ترسيل زر ۾ 30.9 سيڪڙو واڌ آئي، ڪرنٽ اڪائونٽ هاڪاري رهيو، مالي خسارو گهٽجي 2.6٪ ٿي ويو ۽ پرائمري بيلنس GDP جو 3 سيڪڙو رهيو. پاليسين جي ڪري پاليسي ريٽ گهٽجي 11 سيڪڙو تائين آيو ۽ خانگي شعبي لاءِ قرض 681 ارب تائين وڌي ويا. مالي سال 2024-25 ۾ مجموعي قومي پيداوار جو اندازو 114 ٽريلين رپيا يا 411 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي. اجلاس دوران مالي سال 26-2025 لاءِ 4224 ارب رپين جي قومي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي، جن مان 1000 ارب وفاقي ۽ 2869 ارب رپيا صوبائي منصوبن لاءِ مقرر ڪيا ويا. اجلاس ۾ ميڪرو-اقتصادي فريم ورڪ ۽ ترقياتي هدف پڻ منظور ڪيا ويا. وزيراعظم جي هدايت تي سڀني لاڳاپيل وزارتن، صوبن ۽ ادارن کي چيو ويو ته نون منصوبي جي هدفن جي حصول لاءِ منصوبا بندي واري وزارت سان گڏجي ڪم ڪن. صحت، تعليم، پاڻي ، انفراسٽرڪچر ۽ هائوسنگ کي ترجيح ڏني ويندي. اجلاس ۾ 13هون پنج ساله منصوبو (2024-2029) ۽ اُڏام پاڪستان فريم ورڪ به منظور ڪيو ويو. ٻڌايو ويو ته ٻئي منصوبا پاڻ ۾ هم آهنگ آهن ۽ منصوبن جي ٽئين ڌر مانٽرنگ رپورٽ به پيش ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف اتفاق راءِ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته اهڙي قومي يڪجهتي پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي. هن 10 مئي جي "معرڪوءِ حق” تي پاڪ فوج جي ڪاميابي تي واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته ڀارت جي بيانيي سان علائقي جي امن کي خطرو آهي. پاڪستان پنهنجي آبي وسيلن جي تحفظ لاءِ ڀارت کي شڪست ڏيندو.وزيراعظم واضح ڪيو ته ڀارتي ڌمڪين خلاف سڄو ملڪ گڏيل آهي ۽ وفاق-صوبا گڏجي پاڻي وسيلن کي بچائيندا. زرعي شعبي کي معيشت لاءِ مرڪزي ڪردار قرار ڏيندي، زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جو اعلان ڪيو. سنڌ حڪومت اجلاس دوران مطالبو ڪيو ته زرعي آمدني تي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ کي ملتوي ڪيو وڃي، ڇو ته ان سان نظام متاثر ٿي سگهي ٿو. پر ناڻي وزارت واضح ڪيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي تحت زرعي آمدني تي ٽئڪس واپس نٿو ورتو وڃي، ۽ پهرين جولاءِ کان سڀني صوبن ۾ لاڳو ٿيندو.