اسلام آباد(بيورو/م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جنگبندي لاءِ آمريڪي صدر ٽرمپ جي اهم ڪردار جي ساراهه ڪريون ٿا، صدر ٽرمپ ثابت ڪيو ته هو امن جو پيامبر آهي. آمريڪي سفارتخاني ۾ هڪ تقريب دوران خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هاڻي ڪو به شڪ نه رهيو آهي ته پهلگام وارو واقعو ڀارت جو "فالس فليگ آپريشن” هو، پاڪستان ڇڪتاڻ جي صورتحال ۾ به وڏي ضبط جو مظاهرو ڪيو. آمريڪي صدر ٽرمپ ٿڌي ۽ گرم ٻنهي قسمن جي جنگن جي خلاف آهن، جنگبندي لاءِ سندن ڪردار لائق تحسين آهي. وزيراعظم چيو ته صدر ٽرمپ ثابت ڪيو ته هو امن جو سفير آهي. امن جي واڌاري ۽ اقتصادي لاڳاپن ۾ اضافي لاءِ سندن ڪوششون ساراهڻ جوڳيون آهن. پاڪستان ۽ ڀارت جي ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ جنگبندي لاءِ دوست ملڪن جو به ٿورو مڃيون ٿا. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. نائين اليون کانپوءِ دهشتگردي خلاف عالمي جنگ شروع ٿي، پاڪستان 2018 تائين دهشتگردي جو خاتمو ڪري چڪو هو. هن جنگ ۾ پاڪستان وڏو جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪيو – 90 هزار کان وڌيڪ شهيديون ۽ 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان ٿيو. دهشتگردي خلاف پاڪستان جون قربانيون ڪنهن کان گهٽ ناهن. هن وڌيڪ چيو ته پهلگام واقعي بابت ڀارت کي غيرجانبدار عالمي جاچ جي پيشڪش ڪئي وئي، پر ان جي جواب ۾ ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن کي به نشانو بڻايو ويو. پاڪستان پنهنجو دفاع ڪندي ڀارت جا 6 جهاز ڪيرايا. پاڪستان هميشه خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جو خواهشمند رهيو آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسان جي ڌيان جو مرڪز معيشيت کي مضبوط ڪرڻ آهي. آمريڪا سان اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ٽيرف سميت واپار جي واڌاري لاءِ به قدم کنيا ويا آهن. پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا هاڻي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن، اسان انهن لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. ٻئي ملڪ جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي تي يقين رکن ٿا.ٻئي پاسي آمريڪي ناظم الامور نيٽلي بيڪر چيو ته وزيراعظم شهبازشريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت تحسين جوڳي آهي،پاڪستان ۾ تعليم،صحت،خوراڪ ۽ زراعت جي شعبن ۾ اهم آمريڪي سهڪار رهيو،داعش حملي آور جي حوالگي دهشت گردي خلاف مهم ۾ وڏي ڪاميابي آهي،هن چيو ته پاڪ ڀارت جنگبندي ۾ آمريڪا موثر سفارتڪاري ڪردار ادا ڪيو،يو ايس ايڊ پاڪستان ۾ ترقياتي منصوبن ذريعي لکين زندگين کي تبديل ڪيو،آمريڪا پاڪستان کي ٽيڪنالاجي،سيڙپڪاري ۽ موقعا فراهم ڪندو رهندو،هن چيو ته پاڪ آمريڪا شراڪتداري جو ايندڙ باب استحڪام ۽ خوشحالي تي ٻڌل هوندو،مان ذاتي طور تي ڪرپٽو ڪرنسي ۽ ڊجيٽل مارڪيٽن ۾ اسان جي گڏيل سيڙپڪاري تي گهڻي خوش آهيان،خيال،ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل اسپيس ۾ نيون راهون هموار ڪرڻ ۾ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار جي معترف آهيان