آرمي چيف جي موجودگي ۾ گنڊاپور پاران عمران خان لاءِ آواز بلند

پشاور( م ڊ) خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جيموجودگيءَ ۾ پشاور جي گرينڊ جرڳي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته عمران خان کي ناحق جيل ۾ قيد ڪيو ويو آهي، علي امين گنڊاپور چيو ته عمران خان، جيل ۾ هجڻ باوجود، ڀارتي جارحيت خلاف سڄي قوم کي گڏ ڪيو، جيڪو سندس هڪ حقيقي اڳواڻ هجڻ جو ثبوت آهي، هن چيو ته بزدل دشمن جي جارحيت جو موثر جواب ڏيڻ تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. عمران خان جي قيادت ۾ قوم متحد ٿي، ملڪ جي سلامتيءَ جو ڀرپور دفاع ڪيو، علي امين گنڊاپور چيو ته وفاقي حڪومت اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ کان پاسو ڪري، ڇو ته انهن علائقن جا ماڻهو معاشي طور تي ٽيڪس ڏيڻ جي سگهه نٿا رکن، هن چيو ته ضم ٿيل ضلعن جي عوام دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون، انهن سان ٿيل واعدا پورا ڪيا وڃن. وفاقي حڪومت انهن جي بي گهر ٿيل ماڻهن جي مالي مدد جلد جاري ڪري، هن مطالبو ڪيو ته خيبرپختونخوا ۾ ڊرون حملا بند ڪيا وڃن، ڇو ته انهن سان بي گناهه ماڻهو مارجي رهيا آهن. اين ايف سي اوارڊ تحت ضم ضلعن جو حصو صوبائي حڪومت کي منتقل ڪيو وڃي، وزيراعليٰ چيو ته وفاقي حڪومت خالص منافعو، ٽوبيڪو سييس ۽ ٻين مدن ۾ خيبرپختونخوا جا جائز بقايائون ادا ڪري.

  1. وفاقي بجيٽ  10 جون تي پيش ٿيندي، ساڳي ڏينهن سينيٽ اجلاس به طلب

اسلام آباد(بيورو/م ڊ) ايندڙ مالي سال 2025-26 لاءِ وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ جون سڀ تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن۔ ذريعن موجب، قومي اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس 10 جون تي طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سينيٽ جو اجلاس به ان ئي ڏينهن رات جو 9 وڳي ٿيندو۔ ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس پارلياماني معاملن واري وزارت طرفان موڪليل سمري تي گهرائبو، جنهن جو نوٽيفڪيشن صدر جي منظوري سان جلد جاري ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پيش ڪئي ويندي. جنهن ۾ امڪاني طور مهانگائي، ٽيڪسن، ترقياتي اسڪيمون، ۽ دفاعي خرچ شامل هوندا.ٻئي طرف، صدر جي منظوري سان سينيٽ جو اجلاس به 10 جون، اڱاري ڏينهن رات جو 9 وڳي طلب ڪيو ويو آهي۔ سينيٽ جي اجلاس ۾ به ساڳئي ڏينهن بجيٽ جون ڪاپيون پيش ڪيون وينديون، ته جيئن ايوان بالا ۾ به بجيٽ تي بحث جي شروعات ٿي سگهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.