پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي خطري ۾،پابنديون جاري آهن: سي پي اين اي رپورٽ

اسلام آباد (بيورو+م ڊ)ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز  2024-25 جي پريس آزادي بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ جي اجرائي تقريب اسلام آباد ۾ ٿي، جتي سينئر صحافين سميت انساني حقن جي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي، سي پي اين اي طرفان رپورٽ کي شهيد صحافين جي نالي ڪيو ويو، پريس فريڊم رپورٽ هر سال جاري ڪئي ويندي آهي، هن رپورٽ موجب، پاڪستان 2024 جي گلوبل پريس فريڊم انڊيڪس ۾ ٻن درجنن جي گهٽتائي سان 152هين نمبر تي پهچي ويو آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته موجوده اتحاديحڪومت صحافتي آزادي کي فروغ ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حڪومت پيڪا قانون 2025 کي اڳ کان وڌيڪ سختيءَ سان لاڳو ڪيو، ۽ 2016 کان وڌيڪ سخت قانون به پاس ڪيا ويا. خاص طور تي خيبرپختونخوا ۾ حڪومت طرفان اشتهارن جا بقايه رقمون دير سان ڏنا ويا، رپورٽ ۾ اهو به ذڪر ڪيو ويو آهي ته 2024-25 دوران صحافين ۽ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن تي ڪيس داخل ڪيا ويا، جڏهن ته بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽه ۾ پريس ڪلب کي بندش جو منهن ڏسڻو پيو، ان موقعي تي سي پي اين اي جي صدر ڪاظم خان چيو ته هر سال اها رپورٽ سي پي اين اي پاران جاري ڪئي ويندي آهي، جيڪا خاص ڪميٽي جي منظوري سان تيار ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته شهيد صحافين جي وارثن سان انصاف جو واعدو آهي، ۽ هي رپورٽ انهن جي نالي سان منسوب ڪجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.