راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا چيو آهي ته ڀارت سان تازي ڇڪتاڻ دوران پاڪستان مڪمل طور پنهنجن وسيلن تي ڀاڙيو ۽ ڪنهن به ٻاهرين ملڪ کان ڪا به مدد نه ورتي وئي. برطانوي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو دوران جنرل ساحر شمشاد واضح ڪيو ته ڀارت سان تڪرار جي 96 ڪلاڪن دوران جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو سڀ ڪجهه پاڪستان پاڻ پنهنجي طرفان ڪيو. چين کان مدد ملڻ بابت پڇيل سوال تي جنرل شمشاد چيو ته پاڪستان جيڪي اوزار استعمال ڪيا، اهي ساڳيا هئا جيڪي ڀارت وٽ موجود آهن ۽ اسان ڪنهن کان به مدد حاصل نه ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪجهه دفاعي سامان ٻاهرين ملڪن مان ضرور خريد ڪيو آهي، پر تازي ڇڪتاڻ دوران رڳو پنهنجي اندروني صلاحيتن ۽ تياريءَ تي ڀاڙيو ويو.هن صورتحال جي سنگيني کي تسليم ڪندي چيو ته مستقبل۾ تڪرار صرف ڪجهه مخصوص تڪراري علائقن، جهڙوڪ ڪشمير تائين محدود نه رهندا. پاڪ-ڀارت لاڳاپن بابت ڳالهائيندي جنرل شمشاد چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تڪرار حل ڪرڻ لاءِ ڪو به ’مؤثر ۽ منظم‘ نظام موجود ناهي۔ هن چيو ته اسان صرف ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز (ڊي جي ايم او) جي هاٽ لائن تي ڀاڙيون ٿا، پر اهڙا انتظام اعليٰ شدت وارن بحرانن جي دوران ڪافي ناهن۔ هن علائقي ۾ وڌندڙ انتهاپسندي تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جڏهن توهان ’انتهاپسند ذهنيت‘ سان منهن ڏئي رهيا هوندا آهيو، تڏهن بين الاقوامي مداخلت جا امڪان تمام محدود ٿي وڃن ٿا۔ هن چيو ته هن ڀيري آمريڪا ۽ ڪجهه ٻين ملڪن ضرور مداخلت ڪئي، پر هاڻي اها واٽ به تمام محدود ٿي چڪي آهي۔