لاهور (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي پي پي 52 سمبڙيال ۾ ضمني چونڊن کي فراڊ قرار ڏئي ڇڏيو. پيپلز پارٽي جي اڳواڻن نديم افضل چن ۽ حسن مرتضيٰ نيوز ڪانفرنس ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي کي 400 ووٽن جوطعنو ڏنو ويو. مان مڃان ٿو ته ماڻهن اسان کي ووٽ نه ڏنو ڇاڪاڻ ته اسان (ن) ليگ جي حمايت ڪئي هئي. ماڻهن اسان کي ۽ (ن) ليگ کي به ووٽ نه ڏنو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) وٽ مضبوط غنڊا آهن، سمبڙيال چونڊن ۾ انڊر ورلڊ غنڊا ڏٺا. نديم افضل چن چيو ته پي ٽي آءِ جهڙين سياسي پارٽين سان ڳالهه ٻولهه نه ٿيڻ سبب سياست ڪمزور ٿي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ هارين کي رليف ملي رهيو آهي، اسان حڪومت ۾ نه آهيون ته ڇڏيون ڇا؟ اليڪشن ڪميشن، ميڊيا، عدليه کي آزاد هجڻ گهرجي، بيانيو رڳو پيپلز پارٽي جو آهي، باقي سڀني وٽ گيٽ نمبر 4 آهي.