وفاق سنڌ کي فتح ڪيل علائقو سمجھي ٿو: وسند ٿري

ملير (ڊ ر+پ  ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو آھي ته وفاقي سرڪار ۽ اسٽيبلشمينٽ سنڌ کي فتح ڪيل علائقو سمجهي رهيا آهن. وفاق سنڌ جي وسيلن تي حملي آور ٿي آھي. سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ۾ پيپلز پارٽي به ساٿاري بڻيل آھي. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن ۽ ڪينالن خلاف عوامي تحريڪ مسلسل پر امن جدوجهد ڪئي آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن خلاف جدوجهد جاري رهندي. ملير ضلعي جي هيڊ ڪواٽر رزاق آباد ۾  عوامي پريس ڪلب ملير ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار،ضلعي ملير جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ خالد تنيو ،ايڊووڪيٽعبدﷲ ٻپڙ ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته عوامي تحريڪ جي باني دنيا جي ڏاهي رسول بخش پليجي جي ستين ورسي 21 جون تي جنگشاهي ۾. ملهائي ويندي. هن چيو ته ڪئنالن وارو معاملو اڃان ختم ناهي ٿيو سنڌ جي زبردست سياسي هلچل ٻٻرلو ڌرڻي جي شڪل ۾ سامھون آئي جنهن حڪمرانن کي عوام اڳيان گوڏا کوڙائي ڇڏيا پر کين جئين ئي موقعو ملندو ته ٻيھر ڪم شروع ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.