ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي صحت کاتي صوبي ۾ وڌندڙ مليريا جي ڪيسن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته جنوري کان پهرين جون تائين 48 هزار 958 ڪيس رپورٽ ٿيا. صحت کاتي جي رپورٽ موجب، رڳو ڪراچي ۾ 395 مليريا جا ڪيس سامهون آيا، جن مان سڀ کان وڌيڪ 151 ڪيس ضلعي ملير مان، ڏکڻ مان 130، اولهه مان 59، ڪورنگي مان 39، اوڀر مان 12 ۽ سينٽرل ضلعي مان 4 ڪيس رپورٽ ٿيا. حيدرآباد ڊويزن مان 17999، لاڙڪاڻو ڊويزن مان 17030، سکر ڊويزن مان 4245، شهيد بينظير آباد مان 5903 ۽ ميرپورخاص ڊويزن مان 3386 ڪيس سامهون آيا. صحت کاتي موجب صوبي ۾ دماغي مليريا جا به 3 ڪيس رپورٽ ٿيا، جيڪي سڀ حيدرآباد سان لاڳاپيل هئا ۽ مريض مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن. صحت کاتي شهرين کي اپيل ڪئي ته مڇرداني جو استعمال ڪن، گهرن ۽ ڀرپاسي پاڻي گڏ ٿيڻ نه ڏين، پاڻي جي ٽنڪين، ڪولرن، گملن ۽ ٽائرن ۾ پاڻي نه بيهڻ ڏين، ۽ بخار جي صورت ۾ فوري ٽيسٽ ڪرائين.