سکر (رپورٽ: شفيع محمد ابڙو) سکر لڳ باگڙجي جي ڪچي واري علائقي ۾ جتوئي ۽ کوهارا برادريءَ وچ ۾ ڪارو ڪاري جي پراڻي تڪرار تان ٻيهر خوني جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ جينتيجي ۾ عورت سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته پنج کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. فائرنگ دوران فرزانا کوهارو ۽ ارشاد جتوئي موقعي تي مارجي ويا، هڪ زخمي اسپتال ۾ دم ڏنو. زخمين ۾ محمد لائق پلھ، علي نواز پلھ، مختيار کوهارو، داد محمد کوهارو ۽ منظوران جتوئي شامل آهن، جن کي باگڙجي اسپتال منتقل ڪيو ويو. اطلاع تي پوليس پهچي فائرنگ روڪرائي ۽ علائقي ۾ ڪنٽرول حاصل ڪيو. ايس ايڇ او نسيم ڀٽو موجب ٻنهي ڌرين ۾ پنجن سالن کان دشمني هلندڙ هئي، پوليس 10 کان وڌيڪ شڪي جوابدار گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي. پوليس وڏي انگ ۾ مقرر ڪئي وئي جيئن وڌيڪ رتوڇاڻ روڪي سگهجي. لاشن جي پوسٽ مارٽم لاءِ ڪارروائي ڪئي وئي.