اسلام آباد(م ڊ) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه آصف جو چوڻ آهي ته "منهنجي سيني ۾ گهڻو ڪجهه دفن آهي، جڏهن منهنجو ميٽر ڦري ٿو ته مان ڪڏهن ڪڏهن باجوا خلاف ڪجهه چئي ڇڏيندو آهيان، ۽ پوءِ هو منهنجن وڏڙن وٽ فون ڪري شڪايتون ڪندو آهي. اسان جي ٻن نسلن ايتري سياست نه ڪئي، جيتري سياست باجوه پنهنجي پنجن سالن دوران ڪئي.”خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته ڀارت خلاف سفارتي جنگ به ٿيڻ گهرجي. ڀارت کي تڪليف آهي ته ٽرمپ ڪشمير بابت ڇو ڳالهائيرهيو آهي، ۽ ڀارت جو سڀ کان وڏو نقصان اهو ٿيو آهي ته هاڻ ڪشمير جو معاملو عالمي نظرن ۾ اچي ويو آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته "نومبر جي انهن ڏهن ڏينهن دوران، جڏهن نئون آرمي چيف مقرر ٿيڻ وارو هو، تڏهن باجوه روزانو نوان پيڪيج تيار ڪري آڻيندو هو، ۽ انهن سڀني پيڪيجن ۾ سندس تصوير ضرور هوندي هئي. جيڪڏهن مان وڌيڪ ڳالهايان ته پوءِ گلا شڪايتون ٿينديون.”هن جو چوڻ هو ته "باجوا ۽ موجوده آرمي چيف جي وچ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، انڪري ته باجوا روڪڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي. هو چوندو هو ته يا منهنجي نوڪري جاري رکو، يا منهنجي چونڊيل کي لڳايو.”