ڪراچي ۾ ٻئي ڏينهن به زلزلي جا لوڏا، وڌيڪ لوڏن جي اڳڪٿي

ملير/ڪراچي (ڊر/رپورٽر) ڪراچي جي ملير، قائدآباد، شاهه لطيف، ڀينس ڪالوني، شيرپائو ۽ لانڍي سميت مختلف علائقن ۾ ٻئي ڏينهن به زلزلي جا وقفي وقفي سان 10 لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب ماڻهن ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. چيف ميٽروولوجسٽ امير حيدر موجب، پهريون زلزلو شام 5:33 تي آيو، جنهن جي شدت 3.6 ۽ اونهائي 10 ڪلوميٽر هئي، جنهن جو مرڪز قائد آباد ويجهو هو. ٻيو لوڏو رات 1:06 تي آيو، جنهن جي شدت 3.2 ۽ اونهائي 12 ڪلوميٽر هئي، جنهن جو مرڪز گڏاپ ٽائون جي ڀرسان هو. ماهرن موجب، زلزلا لانڍي فالٽ لائين سان لاڳاپيل آهن، جتي اڄ تائين وڏي شدت جا زلزلا نه آيا آهن. ڪراچي جي ٻي فالٽ لائن ٿاڻي بولا خان ويجهو ۽ هڪ ٻيو فالٽ کيرٿر جي ڀرسان موجود آهي. امير حيدر موجب ته فالٽ لائين کي معمول تي اچڻ ۾ ڪجهه ڏينهن لڳي سگهن ٿا ۽ ان دوران وڌيڪ جھٽڪن جو امڪان آهي. زلزلي جي جھٽڪن سبب مختلف علائقن ۾ رهواسي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، قرآن پاڪ ۽ صلوات جو ورد ڪيو ويو، مسجدن ۾ آذانون ڏنيون ويون ۽ ڪجهه ڪمپنين ڪم بند ڪري ملازمن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، زلزلي جي لوڏن سبب قائد آباد ۾ اسڪولن جي موڪل ڪئي وئي، وڏين عمارتن کي پڻ خالي ڪرايو ويو جڏهن ته اڪثر رهواسي پاڻمرادو عمارتون خالي ڪري ٻين محفوظ ماڳن تي منتقل ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.