سکر (رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيئر مرڪزي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد خورشيد احمد شاهه آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس سلسلي ۾ احتساب عدالت سکر ۾ پيش ٿيو، بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ جون معاشي حالتون سڌرڻ طرف وڌي رهيون آهن، پر مهانگائي ۾ نمايان واڌ عوام لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻجي رهي آهي، بجيٽ جي آمد ويجهو آهي ان ڪري عوام کي گهرجي ته پنهنجا مسئلا کلي دل سان بيان ڪن ته جيئن پارليامينٽ ۾ انهن جي صحيح نمائيندگي ڪري سگهجي.سنڌ جي صورتحال بابت ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته صوبي ۾ امن امان جا سنجيده مسئلا آهن جن لاءِ فوري ۽ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن اسٽريٽ ڪرائم ۾ واڌ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ماڻهن ۾ عدم تحفظ جو احساس وڌي رهيو آهي انڪري حڪومت جي اولين ترجيح امن امان جي مڪمل بحالي هجڻ گهرجي.