مورو(عوامي آواز نيوز)مورو ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) ۽ ٻين سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ تقريبن 100 کان 150 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف مورو ٿاڻي تي فوجداري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس طرفان داخل ڪيل ڪيس ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 144 جي ڀڃڪڙي سميت مختلف الزام شامل ڪيا ويا آهن.ذريعن موجب، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مٿين ماڻهن شهر ۾ بغير اجازت مظاهرو ڪيو، جيڪو لاڳو ٿيل قلم 144 جي سڌي سنئين ڀڃڪڙي آهي. پوليس موجب، گهرو کاتي طرفان شهر ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ، احتجاج ڪرڻ يا جلوس ڪڍڻ تي عارضي پابندي مڙهيل هئي، جنهن جي خلاف ورزي ڪندي مظاهرو ڪيو ويو.ٻئي پاسي ايس يو پي جي مقامي اڳواڻن پاران الزام رد ڪندي چيو ويو آهي ته سندن احتجاج پرامن هو ۽ اهو سنڌ جي وسيلن تي وفاقي قبضي خلاف هو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪيس داخل ڪري آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪا جمهوريت خلاف آهي.