مورو ۾ موبائل نيٽ ورڪ جي بندش تي عدالت پاران ڪاوڙ

مورو(عوامي آواز نيوز) مورو ۾ ڪافي ڏينهن کان موبائل نيٽ ورڪ جي بندش بابت داخل ڪيل درخواست تي فرسٽ سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ مدد علي کوسو جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جتي عدالت هڪ دفعو ٻيهر سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي واضح هدايتون جاري ڪيون، ڪارروائي دوران درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته مورو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مختلف وقتن تي موبائل نيٽ ورڪ بند ڪيو وڃي ٿو، جنهن سبب عام شهرين سميت واپاري، شاگرد، ملازم پيشه ماڻهو ۽ خاص طور تي ايمرجنسي سروسز کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جنهن تي عدالت واضح لفظن ۾ چيو ته نيٽ ورڪ جي بندش شهري بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، جيڪا قانون ۽ آئين جي روح جي خلاف آهي، عدالت حڪم ڏنو ته مورو ۽ ويجهن علائقن ۾ موبائل نيٽ ورڪ جي خدمتون فوري طور تي بحال ڪيون وڃن، عدالت خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ان حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته لاڳاپيل عملدارن، موبائل ڪمپنين  ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪهڙي به حالت ۾ شهري حقن جي لتاڙ برداشت نه ڪئي ويندي، ياد رهي ته ان کان اڳ به ساڳئي عدالت طرفان اهڙي ئي درخواست تي حڪم جاري ڪيو ويو هو، پر عملدرآمد نه ٿيڻ تي عدالت پاران ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.