حيدرآباد(رپورٽر)امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آھي ته ڪچي ۽ پڪي جا ڌاڙيل ٻئي گڏجي عوام کي ڦري رھيا آھن ڀارت سميت ڪنھن کي به سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ نه ڏينداسين. ملين مارچ ڪرڻ جو مقصد دنيا کي اھو ٻڌائڻو آھي ته اسان ڪشمير ۽ فلسطين جي مظلوم مسلمانن سان گڏ بيٺل آھيون. سائوٿ آفريقا کي سلام پيش ڪيون ٿا جنھن عالمي عدالت ۾ وڃي ڪري اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي جنگي مجرم قرار ڏياريو.آرمي چيف ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي تي ڪردار ادا ڪري،اسان کي پ پ جي ڪرپشن تي شڪايتون آهن، اھڙن خيالن کو اظھار ھن ڪوھ نور چوڪ تي اسرائيل. انڊيا مردہ باد جلسي کي خطاب دوران ڪيو. جلسي ۾ مرد عورتون واپاري صحافي توڙي سول سوسائٽي جا نمائندا وڏي تعداد ۾ شريڪ ھئا.ھن چيوته پوري دنيا جا باضمير ماڻھو غزا م ٿيندڙ انسانيت جي ڪوس تي سراپا احتجاج آھن پر ھتي پيپلزپارٽي مسلم ليگ ۽ پي ٽي آءِ خاموش آھن سوال ته اٿندو جيڪو ھروقت ان جو پيڇو ڪندا رھندو. ھن چيو ته حڪمران ٻڌي وٺن ته ڊاڪٽر قدير خان محسن پاڪستان ھو چنڊ تي اڇلايل ٿڪ ساڳي منھن تي واپس اچي لڳندي آهي. ليگي وزير تڪراري بيان ڏيڻ کان پاسو ڪن. جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ جلسه عام کي خطاب ڪندي چيو ته پوري ملڪ ۾ ٿيندڙ فلسطين مارچ وانگي حيدرآباد ۾ به اڄ نئين تاريخ لکي وئي آهي، گذريل ڏيڍ سال کان يهودي رياست پاران غزه ۾ فلسطيني عوام جي نسل ڪشي جاري آهي، غزه ۾ برپا قيامت کي اڄ 600 ڏينهن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي جنهن ۾ 25000هزار معصوم ٻار شهيد ٿي چڪا آهن، پر پوءِ به عالمي دنيا خاموش تماشائي بڻيل آهي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته 60 فيصد گيس ۽ 75 فيصد ٽيڪس ڏيڻ باوجود ڪراچي ۽ حيدرآباد موٽروي جي صورتحال خراب توڙي صوبي ۾ صحت، صاف پاڻي، تعليم جهڙيون بنيادي ضرورتون عوام کي ميسر ناهن سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ حڪمرانن جي منافقاڻي پاليسين جو نتيجو آهي. ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير افضال احمد صديقي خطاب ڪندي چيو ته پاڪ فوج جي شاهينن ڀارتي غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، الطاف احمد ملاح چيو ته اسان هن عظيم الشان جلسه عام ذريعي امت جي بي حس حڪمرانن کي سجاڳ ڪرڻ ٿا چاهيون ته جيئن ڪشمير ۽ فلسطين جي مظلوم مسلمانن کي ظلم ۽ جبر کان نجات ملي سگهي. حافظ طاهر مجيد چيو ته حيدرآباد امت جو درد رکندڙ ماڻهن جو شهر آهي. جلسه عام جي پُڄاڻي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ممتاز حسين سهتو جي دُعا سان ٿي.