عمران خان جو جيل مان ملڪ گير تحريڪ جي اڳواڻي جو اعلان

راولپنڊي(م ڊ)تحريڪِ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان جيل مان هڪ اهم پيغام جاري ڪندي پارٽي عهديدارن کي خبردار ڪيوآهي ته جيڪڏهن ڪنهن ۾ دٻاءُ برداشت ڪرڻ جي سگهه نه آهي ته هو عزت سان عهدو ڇڏي ڏئي، ته جيئن اهڙن ڪارڪنن کي اڳتي آندو وڃي، جيڪي "پريشر برداشت ڪري سگهن” ۽ حقيقي جدوجهد لاءِ تيار هجن.عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو:پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن به سياسي جماعت سان اهڙو ظلم ناهي ٿيو، جيڪو پي ٽي آءِ سان ٿيو آهي، هاڻ اسان وٽ ملڪ گير پرامن احتجاج کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي بچيو،هن چيو ته جيل مان ئي احتجاج جي قيادت ڪندس ۽ سموري پارٽي کي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عمران خان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف تحريڪِ عدم اعتماد آڻڻ جو به اعلان ڪيو ۽ چيو ته هن جي موجودگيءَ ۾ اسان جي ايم اين ايز کي اغوا ڪيو ويو، سندن تقريرون سنسر ڪيون ويون، ۽ اڊيالا جيل ٻاهران پارليامينٽرينز تي تشدد ٿيو، پر اسپيڪر ڪو به ڪردار ادا نه ڪري سگهيو،هن چيو ته26 هين آئيني ترميم جو مقصد ئي هو ته چونڊن ۾ ڌانڌليءَ کي قانوني تحفظ ڏنو وڃي، ۽ عدليه کي مڪمل طور تي حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ آندو وڃي. هن خدشو ظاهر ڪيو ته پي ٽي آءِ کان مخصوص سيٽون ڦرڻ جي تياري مڪمل ٿي چڪي آهي.

  1. آءِ ايس آءِ سربراهه طور هٽائجڻ بعد عاصم منير بشريٰ بي بي سان رابطو نه ڪيو هو

اسلام آباد(حماد حسن) ھفتو ٻھ اڳ آمريڪا مان آيل ھڪ بزنيس مين جيڪو عمران ۽ پي ٽي آئي جوھمدرد آھي ان جي عمران خانسان ملاقات ٿي ھئي.ھن ڪجھھ عمران خان کي خبرون ڏنيون جيڪي ان لاءِ خوفناڪ ھيون.جنھن بعد بيرسٽر علي ظفر جي ڊگھي ملاقات ٿي .ان دوران پيغام رساني بھ ٿي پر اھا شٽ اپ ڪال طور ھئي.جنھن بعد عمران خان سان عليمھ جي ملاقات ٿي ۽ ھن ڏي وٺ بابت ڳالھھ ڪئي.ذريعن مطابق عليمھ خان کي چيو ويو تھ وزيراعظم سان ڳالھايو.ان صورتحال جي ڪري عمران خان ۽ بشريٰ بي بي ٻئي پريشان آھن.جنھن بعد عمران گنڊاپور ۽ ٻين کي احتجاج جي تياري جي نياپو ڏنو.ھن وقت پي ٽي آئي جا ڪارڪن ٻاھر نڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناھن. ڪي گھر ويھي پارٽي سان گڏ آھن تھ ڪي وري ڪيسن کي منھن ڏئي رھيا آھن. ھن وقت تھ مقامي ڪارڪنن جون فھرستون بھ ٺھي ويون آهن.پارٽي اڳواڻ بھ احتجاج بھ حق ۾ ناھن، ڪيترائي گروپ الڳ ٿي ويندا ۽ احتجاج کان الڳ رھندا.پارٽي ۾ گروپ بندي ٿي وئي آھي.ٻئي پاسي عمران خان ٽوئٽ ڪئي تھ جڏھن ھن جنرل عاصم منير کي ھٽايو تھ ھن بشريٰ بي بي سان رابطو ڪيو ھيو پر منھنجي ڇنڊڇاڻ ۽ ذريعن مطابق جڏھن ڪرپشن جي فائلن ڏيکارڻ تي عمران خان ناراض ٿي جنرل عاصم منير کي ھٽايو تھ ھن ڪنھن سان بھ رابطو نھ ڪيو ھيو.

  1. عاصم منير سان جهيڙي جو سبب بشريٰ بي بي جي ڪرپشن هئي

لاهور(امداد سومرو) عمران خان قبوليو آھي تھ بشريٰ بي بي جي ڪري ھن جو جنرل عاصم منير سان تڪرار ٿيو.جڏهن ته عمرانخان جي حڪومت دوران ميڊيا ۾ خبر هلي هئي ته  وزيراعظم هائوس ۾ ھيرن جا ھار ۽ ٻيا قيمتي تحفا  ورتا پيا وڃن.ان بعد اھا عورت ان آفيسر سان ملي ۽ کيس چيو تھ مان تھ توھان کي پنھنجو ڀاءَ سمجھندي ھيس.بعد ۾ ان آفيسر کي ھٽايو ويو ھيو اھو ان وقت جو ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل عاصم منير ھيو.بعد ۾ جڏھن ھڪ پيج نھ رھيو تحريڪ عدم اعتماد آئي تھ پوءِ اھي خبرون سڀ صحافي کڻي آيا. سو عمران خان ھاڻي تسليم ڪيو آھي تھ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير سان جھيڙي جو سبب بشريٰ بي بي جي ڪرپشن ھئي.مئي 2023 ۾ عمران خان ٽوئٽ ۾ اھا ڳالھھ قبولڻ کان انڪار ڪري چڪو ھيو.

  1. عمران خان جلد جيل مان آزاد ٿي ويندو:تنوير احمد خان

اسلام آباد(منصور علي خان) آمريڪا ۾ 37 ورھين کان مقيم ۽ تازوئي عمران خان جي حوالي سان  آيل وفد جي اھم ميمبر تنوير احمد خان چيو آھي تھ ماڻهو عمران خان کي استعمال ڪن ٿا، اهي ملڪ ۽ عمران خان جا سڄڻ ناھن.منھنجو نمل يونيورسٽي ۽ شوڪت خانم جي حوالي سان واسطو رھيوآھي،هن چيو ته  گذريل ڀيري عمران خان سان جيل ۾ ملاقاتون ٿيون ھيون.عليمھ خان ڪورٽ مان ليٽر آڻي ڏنو ھيو ملاقات جي اجازت واسطي.اھا پوئين سال جي ڳالھھ آھي 2024 جي.منھنجون ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون ۽ عمران خان جي اجازت سان ٿيون. عمران خان جي ٽنھي ڀينرن سان بھتر ناتا آھن اسان سڀني گڏجي ڪوشش ڪئي تھ شيون ٺيڪ ٿين.هن چيو ته عمران خان جي کاڌي ۾ زھر واريون ڳالھيون ٽائيگرز ۽ ٻاھر ويٺل يوٽيوبرز جون پکيڙيل آھن انھن ۾ ڪا حقيقت ناھي.جيڪي احتجاج جو ڏس ڏين ٿا رياست مخالف آھن. عمران اڪيلائي ۾ آھي کيس ٻاھر جي دنيا جي سڌ ناھي ڪير بھ وڃي ڪا بھ ڳالھھ فيڊ ڪري ٿو تھ ان تي يقين ڪري وٺي ٿو اھو مسئلو آھي.تازوئي ڏسو عمران ٽوئيٽ ڪري ٿو تھ اسٽيبلشمينٽ سان ڳالھيون ڪندس، علي امين گنداپور چوي ٿو احتجاجي تحريڪ ھلندي ۽ عليمھ خان چوي ٿي تھ ڏي وٺ ڪريو تھ ٽي الڳ الڳ بيان اچي ٿا وڃن اھوئي مسئلو آھي،هن چيو ته  پاڪ ڀارت جنگ بعد اي پي سي سڏائي وئي ھئي بدقسمتي سان پي ٽي آئي جي ان ۾ شرڪت نھ ھئي جيڪا ھجڻ گھرجي ھاهن چيو ته مان حلفيه چوان ٿو تھ ھن وقت ڪو ڊاڪٽرن جو وفد ناھي آيو.جيڪو اھي ڳالھيون ڪري ٿو سو اسٽبلشمنٽ ۽ پي ٽي آئي وچ م ڇڪتاڻ وڌائڻ گھر ي ٿوپنج ڇهھ يا 8 يوٽيوبرز آھن جن انھن نوجوانن جو برين واش ڪري ڇڏيو آھي،هن چيو ته  موجودھ حڪومت لاءِ  سڀ انڊيڪيٽرز ھاڪاري آھن.منھنجي پي ٽي آئي کي صلاح آھي تھ سڀ گڏجي پنھنجو ھڪ ترجمان چونڊين جيڪو بيان جاري ڪري.اسٽيبلشمنٽ يا سرڪار جا ٻيا مسئلا آھن انھن جو رڳو اھو مسئلو ھڪ پارٽي ناھي تھ ويھي ان سان ڳالھيون ڪندا رھن. هن چيو ته عمران خان جلد جيل مان آزاد ٿيندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.