ڪراچي(م ڊ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته شرافي گوٺ ۾ ٽريفڪ حادثي دوران اسسٽنٽ پروفيسر افتخار احمد جي فوتگي هڪ افسوسناڪ واقعو آهي، ۽ جيڪڏهن زخمي کي بروقت اسپتال منتقل ڪيو وڃي ها ته سندس زندگي بچائي سگهجي ٿي.پنهنجي بيان ۾ آءِ جي سنڌ چيو ته هر شهري جو اخلاقي، قانوني ۽ مذهبي فرض آهي ته حادثي جي صورت ۾ زخمين جي مدد ڪئي وڃي، ڇو ته رت جي ضايع ٿيڻ، خطرناڪ زخمن ۽ غير ضروري دير سبب قيمتي زندگيون وڃائجي وڃن ٿيون.هن چيو ته زخمين جي مدد بابت قانوني پيچيدگين جو ڊپ بي بنياد آهي، هڪ جان بچائڻ جو عمل سڄي انسانيت کي بچائڻ جي برابر آهي، ۽ زندگي بچائڻ رڳو عمل نه پر ايمان جو به تقاضو آهي.هن زور ڀري چيو ته حادثي تي خاموش نه ٿيو، حرڪت ۾ اچو، زخمي جي مدد ڪريو، ڇو ته هر زندگي اهم آهي، شهرين کي گهرجي ته بنا خوف جي زخمين جي مدد ڪن، پوليس ۽ سول ادارا مڪمل سهڪار ڪندا. آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته مدد ڪندڙ شهري ’مسيحا‘ آهن، انهن کي عزت ۽ تحفظ فراهم ڪيو ويندو، ڪنهن به زخمي کي بي يار و مددگار نه ڇڏيو وڃي، ڇو ته ننڍڙي ڪوشش به ڪنهن جي زندگي بچائي سگهي ٿي.غلام نبي ميمن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته پوليس سميت سمورا سول ادارا عوامي سهڪار کان سواءِ پنهنجا فرض مڪمل طور ادا نٿا ڪري سگهن، تنهن ڪري عوام قدم اڳتي وڌائين ۽ حادثن جي وقت زخمين کي بچائڻ لاءِ فوري مدد ڪن.