پيرڳوٺ ۾ چڱو مڙس معصوم پٽ آڏو قتل

پيرجوڳوٺ/احمد پور (رپورٽ وسيم سنڌي+مختيار علي ميتلو) پيرڳوٺ ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري چڱي مڙس کي معصوم پٽ سامهون بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو، لاش اسپتال منتقل، ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي، گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. رپورٽ موجب پير ڳوٺ جي ڪانهر موڙ وٽ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري خواجه برادري جي چڱي مڙس مشهور زميندار علي نواز خواجه کي سندس معصوم پٽ سامهون گوليون هڻي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو واقعي جي اطلاع تيپيرڳوٺ پوليس ۽ وارثن پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پيرڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. واقعي بابت مقتول علي نواز خواجه جي وارثن جو چوڻ آهي ته بدنام ڏوهاري رحيم عرف رحيمون خواجه واري ڌر سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جنهن ڏينهن ڏٺي جو سرعام فائرنگ ڪري علي نواز خواجه کي قتل ڪيو آهي. 13 سال اڳ ساڳين هٿياربندن فائرنگ ڪري اسان جي چئن ڄڻن کي قتل ڪيو هو. هنن چيو ته واقعو پوليس جي غفلت سبب پيش آيو آهي قاتلن کي گرفتار ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف پيرڳوٺ پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو آهي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.