صحت کاتي سنڌ سيڪريٽريٽ سائيڊ جي اڌ ارب جي بجيٽ اُڏائي ڇڏي

ڪراچي(رپورٽ: خداڏنو شاھ)صحت کاتي سنڌ سيڪريٽريٽ سائيڊ جي غير ترقياتي بجيٽ جي ڀينگ ڪندي 50 ڪروڙ روپيا اُڏائي ڇڏيا آهن، جڏهن ته رڳو تيل جي مد ۾ 3 ڪروڙ روپين کي رڳڙو ڏنو آهي، روزاني عوامي آواز کي مليل دستاويزي ثُبوتن موجب صحت کاتي سنڌ سيڪريٽريٽ سائيڊ جي غير ترقياتي بجيٽ کي  خرچ ڪرڻ ۾ وڏي سخاوت ڏيکاري آهي، فرنيچر جي خريداري واري هيڊ A13201 مان 82 لکن جي رقم کي ٻرو ڏنو آهي، مشينري ۽ اوزارن جي خريداري واري هيڊ A13101 مان 94 لک 28 هزار روپيا ڳڙڪائي ڇڏيا آهن، ٽرانسپورٽ واري هيڊ A13001 مان 1 ڪروڙ 3 لک روپين جي رقم کي ٻُهارو ڏنو آهي،  فرنيچر ۽ فڪسچر جي خريداري جي نالي تي A09701 مان 6 لک روپين کي ٻُهارو ڏنو آهي، ٻوٽن ۽ مشينري جي خريداري جي نالي تي A09601 مان 16 لک 40 هزار روپين کي ٻڙڪو ڏنو آهي، اڌرس اڪائونٽ واري هيڊ A03970 مان هڪ ڪروڙ 48 لک روپين کي رڳڙو ڏنو آهي، پئمينٽ ٽو ادرس سروس رينڊرڊ واري هيڊ A03919 مان 2 ڪروڙ روپيا چٽ ڪري ڇڏيا آهن، يونيفارم جي نالي تي 26 لک روپيا خرچ ڏيکاري ڇڏيا آهن، اخبارن ۽ ڪتابن جي خريداري تي 4 لک 17 هزار روپيا خرچ ڪيا آهن، ڇپائي جي نالي تي 18 لک 46 هزار روپين کي رڳڙو ڏنو ويو آهي، اسٽيشنري واري هيڊ  A03901 مان 1 ڪروڙ 36 لکن جي وڏي رقم کي چٽ ڪيو آهي، ڪنوينس چارجز جي نالي تي 2 لک 27 هزار روپيا خرچ ڏيکاريا ويا آهن، تيل جي نالي تي A03807 مان غريب صوبي جي مسڪين عوام جي ٽيڪس جي رقم مان پورا 3 ڪروڙ ڳڙڪايا ويا آهن، تيل تي وڏي رقم خرچ ڪرڻ باوجود ٽريولنگ جي نالي تي 23 لک روپيا الڳ سان خرچ ڪيا ويا آهن، بجلي ۽ ڪميونيڪيشن جي نالي تي 33 لک روپيا ڳڙڪايا ويا آهن، ٻي طرف ٽيليفون جي نالي تي 6 لک 11 هزار روپيا الڳ سان خرچ ڏيکاري بجيٽ هڙپ ڪئي ويئي آهي، پوسٽ جي نالي تي 4 لک 8 هزار روپيا خرچ ڪيا ويا آهن، هڪ ٻي ادرس اڪائونٽ A01299 مان 9 لک  روپيا خرچ ڪيا ويا آهن، ايوان صدر ۽ گورنر هائوس الائونس جي نالي تي پڻ 2 لکن کي ٻرو ڏنو ويو آهي، ميڊيڪل چارجز جي نالي تي A01274 مان 1 ڪروڙ 50 لکن کي سٽڪو ڏنو ويو آهي، اوور ٽائيم جي نالي تي 3 لک روپيا خرچ ڪيا ويا آهن، ايڊهاڪ رليف الائونس جي نالي تي A0125E مان 3 ڪروڙ خرچ ڪيا ويا آهن، ايڊهاڪ رليف 2023ع جي نالي سان هيڊ  A024X مان 3 ڪروڙ 85 لک روپيا خرچ ڪيا ويا آهن، ڊفرنشيل الائونس جي نالي تي اڍائي ڪروڙ روپيا چٽ ڪيا ويا آهن، ايڊهاڪ رليف 2022ع  جي نالي تي 1 ڪروڙ 17 لک روپيا خرچ ڪيا ويا آهن، اسپيشل ٽريولنگ الائونس جي نالي تي 1 لک 81 هزار روپيا خرچ ڪيا ويا آهن، يوٽيلٽي الائونس جي نالي تي 3 ڪروڙ 5 لک روپيا خرچ ڪيا ويا آهن، سڙٽيفڪيشن الائونس جي نالي تي ڏيڍ لک روپيا خرچ ڪيا ويا آهن، سپيريئر ايگزيڪيوٽو الائونس جي نالي تي 63 لکن جي رقم کي رڳڙو ڏنو ويو آهي، ايگزيڪيوٽو الائونس جي نالي تي 2 ڪروڙ 42 لک 35 هزارن جي رقم کي رڳڙو ڏنو ويو آهي، ڊيپوٽيشن الائونس جي نالي تي 3 لک روپيا خرچ ڪيا ويا آهن، سيڪريٽريٽ الائونس جي نالي تي 3 ڪروڙ 85 لکن جي رقم خرچ ڪئي ويئي آهي، اردلي  الائونس  جي نالي تي 21 لک 80 هزار روپيا خرچ ڪيا ويا آهن، هيلٿ پروفيشنل الائونس جي نالي تي 2 لک 42 هزار روپيا خرچ ڪيا ويا آهن، ميڊيڪل الائونس جي نالي تي 37 لک 94 هزار روپيا خرچ ڪيا ويا آهن، انٽيگريٽيڊ الائونس جي نالي تي 3 لک 2 هزارن کي رڳڙو ڏنو ويو آهي، ڪنوينس الائونس جي نالي تي 60 لک 82 هزارن جي رقم کي A01203 واري اڪائونٽ مان رڳڙو ڏنو ويو آهي، هائوس رينٽ الائونس جي نالي تي الڳ سان پورا هڪ ڪروڙ روپيا ٻُهاريا ويا آهن،.

50 ڪروڙ خرچ ٿي ويا پر اسپتالن جي حالت نه سڌري؟!

ڪراچي: صحت کاتي سنڌ جي سيڪريٽريٽ سائيڊ جي مجموعي غير ترقياتي بجيٽ 79 ڪروڙ 51 لک 84 هزار روپيا رک ي ويئي،  دستاويزن موجب صحت کاتي کي ناڻي کاتي پاران 74 ڪروڙ 51 لک 84 هزار روپيا جاري ڪيا ويا جنهن مان صحت کاتي سنڌ 50 ڪروڙ روپين جي وڏي رقم خرچ ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته صوبي جي اسپتالن ۾ انتهائي بُرو حشر آهي

صحت کاتي تيل جي نالي تي 3 ڪروڙ رپيا خرچ ڪري ڇڏيا

ڪراچي:صحت کاتي سنڌ رڳو تيل جي نالي تي 3 ڪروڙن جي وڏي رقم خرچ ڪئي آهي، ناڻي کاتي پاران تيل جي لاءِ 3 ڪروڙ 29 لک روپيا  جاري ڪيا ويا جنهن مان 3 ڪروڙ خرچ ٿي چڪا آهن جڏهن ته اهو سلسلو اڃا جاري آهي جڏهن صحت کاتي لاءِ تيل جي مد ۾ رکيل رقم سئو سيڪڙو جاري ڪئي ويئي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.