واشنگٽن(م ڊ)گڏيل قومن جي عالمي موسمياتي اداري موسمياتي تبديلي بابت هڪ خطرناڪ اڳڪٿي جاري ڪئي آهي، اداري موجب موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ 2024 ۾ سالياني اوسط عالمي گرمي پد پهريون ڀيرو صنعتي دور کان اڳ جي سطح کان 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو انساني تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ گرم سال قرار ڏنو ويو، ان کان اڳ 2023 کي به سڀ کان وڌيڪ گرم سال قرار ڏنو ويو هو، جيڪو هاڻ 2024 کانپوءِ ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي،. پر عالمي موسمياتي اداري جو چوڻ آهي ته ايندڙ 5 سال اڳ کان به وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا، اداري طرفان جاري ڪيل اڳڪٿين موجب 80 سيڪڙو امڪان آهي ته ايندڙ 5 ورهين مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال اهڙو هوندو جيڪو گرمي پد جي لحاظ کان 2024 کي به پٺتي ڇڏيندو ۽ انساني تاريخ جو سڀ کان گرم سال بڻجي ويندو، اداري اڳڪٿي ڪئي آهي ته 70 سيڪڙو امڪان آهي ته ايندڙ 5 سالن دوران عالمي اوسط گرمي پد صنعتي دور کان اڳ جي سطح کان 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.