صدف حاصلو جو مک قاتل فريد حاصلو سهولتڪار وڪيل سميت گرفتار

راڌڻ/ ميهڙ/ قمبر (رپورٽ: هريش ڪمار/ فراز چنا/ محمود شيخ) قمبر ضلعي جي ھاءِ پروفائيل صدف حاصلو قتل ڪيس جو مک جوابدار فريد حاصلو سهولتڪار ساٿي سميت گرفتار ٿي ويو،  پوليس ڳجھي اطلاع تي راڌڻ ڀرسان ڳوٺ سنڌي ٻٽڙا مان وڪيل جي گھر مان جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي،  گرفتار جوابدار فريد حاصلو جي سھولتڪار قادر کوسو کي به پوليس گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي،  ان سلسلي ۾ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ساجد امير سدوزئي پنھنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته فرار جوابدار کي قمبر جي آئي ٽي ٽيم ۽ جوڙيل جي آءِ ٽي جنھن ۾ ڊي ايس پي وارھ،  ڊي ايس پي قمبر،  ڊي ايس پي شھدادڪوٽ،  ايس ايڇ او قمبر سٽي ۽ سي آئي اي پاسبان شامل ھيا انھن جي ڏينھن رات جي محنت ۽ لوڪل ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي،  پوليس گرفتار جوابدار کان جاچ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آھي. ،  قتل واقعي کان وٺي ھن وقت تائين جيڪو به سندس سھولتڪار ھوندو ان کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو،  جوابدار مٿان رکيل انعامي رقم آءِ ٽي انچارج محمد علي کوکر،  ايس ايڇ او حيدرآباد نيڪ محمد کوسو،  ڊي ايس پي وارھ،  ايس ايڇ او قمبر سٽي،  ڊي ايس پي قمبر ۽ ڊي ايس پي شھدادڪوٽ ۾ تقسيم ڪئي ويندي،  جوابدار فريد حاصلو کي پناهه ڏيندڙ جوابدار عبدالقادر کوسو جو ڪيس راڌڻ ٿاڻي تي سرڪار پاران انسپيڪٽر ۽ ايس ايڇ او قمبر سٽي ذوالفقار راجا جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آھي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته اسان کي اطلاع مليو ته پرائمري ماسترياڻي صدف حاصلو جي قتل ڪيس ۾ نامزد روپوش جوابدار فريد حاصلو پنھنجي موٽر سائيڪل سميت ڳوٺ سنڌي ٻٽڙا ۾ موجود آھي اسان ان ھنڌ سپاھ سميت پھتاسين جتي اسان کي گھر جي کٽن تي ٻه ماڻھو ويٺل نظر آيا پڇا ڳاڇا تي انھن پنھنجا نالا عبدالقادر کوسو ۽ فريد حاصلو ٻڌايو جن پوليس سان مزاحمت ڪئي ۽ پوليس ٻنھي کي حراست ۾ وٺي گرفتار ڪيو ۽ عبدالقادر کوسو مٿان قاتل روپوش کي پناهه ڏيڻ ، کاڌ خوراڪ ۽ ڊيوٽي اٽڪاءِ جا قلم شامل ڪيا ويا آھن،  جوابدار وڪيل عبدالقادر کوسو کي راڌڻ ٿاڻي جي لاڪپ ۾ رکيو ويو آھي ۽ روپوش جوابدار فريد حاصلو کي قمبر پوليس حوالي ڪيو ويو،  پوليس ذريعن موجب سھولتڪار وڪيل عبدالقادر کوسو جي ڀاءُ پوليس اھلڪار احمد نواز کوسو کي به حراست ۾ ورتو ويو،  جنهن کي بعد ۾ ڇڏيو ويو،  ايس ايڇ او راڌڻ سيف الله ٻگھيو موجب جوابدار وٽان واقعي ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل به ھٿ ڪئي وئي آھي جڏھن ته پسٽل ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون،  ياد رهي ڏيڍ مھينو اڳ 7 اپريل تي قمبر جي راھوجا ڳوٺ ڀرسان اسڪول کان لاڙڪاڻو طرف ويندڙ پرائمري ماسترياڻي صدف حاصلو کي سندس مڱيندي اڳوڻي پوليس اھلڪار فريد حاصلو گاڏي مان زبردستي لاھڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي کيس گوليون هڻي ڪري قتل ڪري ڇڏيو ھيو ۽ بعد ۾ جوابدار آسانيءَ سان فرار ٿي ويو ھو جنھن جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا پڻ هنيا ھيا پر سندس گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي ھئي جنھن کان پوءِ ھائي ڪورٽ لاڙڪاڻو ھن ڪيس تي پاڻ مرادو نوٽيس وٺندي آئي جي سنڌ کي پڻ طلب ڪيو ھو جنھن کان بعد آئي جي آفيس مان فرار جوابدار کي اشتھاري قرار ڏئي سندس مٿان  25 لک روپيه انعامي رقم جو اعلان ڪيو ھو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.