فلسطين جي حق ۾ احتجاج،اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد گرفتار

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)اسلام آباد جي نيشنل پريس ڪلب جي سامهون غزا ۾ بي گناهه فلسطيني عوام تي اسرائيلي ظلمن خلاف احتجاج ڪندڙ اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد سميت ڪيترن ئي مظاهرين کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب مظاهرو دفعو 144 جي ڀڃڪڙي هئي،جماعت اسلامي سان تعلق رکندڙ اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد، انساني حقن جي ڪارڪن طاهره عبدالله، ثمينه عمر ۽ ٻين ڪيترن ئي مردن ۽ عورتن کي  ان وقت حراست ۾ ورتو ويو، جڏهن هو نیشنل پريس ڪلب جي سامهون فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ احتجاج ڪري رهيا هئا، پوليس طرفان جاري بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته مظاهرو ڪندڙن دفعو 144 جي خلاف ورزي ڪئي، تنهن ڪري کين گرفتار ڪيو ويو.. جڏهن ته انساني حقن جي تنظيمن ۽ صحافتي حلقن ان عمل تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي. ، هوڏانهن انساني حقن جي تنظيم هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان به ان واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته طاهره عبدالله ۽ ثمينه عمر جي گرفتاري نه صرف قانون جي ڀڃڪڙي آهي پر انساني حقن جي به پامالي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.