اسلام آباد(م ڊ) 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ سندن زال بشريٰ بي بي جي سزائن کي معطل ڪرڻ لاءِ داخل ڪيل درخواستن کي 5 جون تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد آصف درخواستن تي ٻڌڻي ڪندا، ياد رهي ته گذريل هفتي پي ٽي آءِ جي قيادت ڪيس مقرر ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي، ياد رهي ته 15 مئي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سزا معطلي جي درخواستن تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا هئا.