اسلام آباد(قربان بلوچ)سنڌ ٻري رهي آھي ھڪ پاسي ماحوليات سبب تھ ٻئي پاسي سياسي سماجي حوالي سان بھ،پر ڪنھن جي ڪن تي جونءِ بھ نھ ٿي چري ۽ سوال اڀري ٿو تھ صرف ڪرسي خاطر باھھ سان ڪير کيڏي رھيوآهي؟سنڌ ۾ ھڪ تحريڪ موجودآھي جنھن جي جھلڪ ڪجھھ وقت اڳ رياست ۽ قوم ڏسي چڪي آھي.سنڌ ۾ جيڪو لاوو ٻري رھيوآھي اھو رياستي سلامتي لاءِ خطرناڪ آھي.بي بي جي شھادت وقت جيڪي ٻار ھئا ھاڻي جوان ٿي چڪا ۽ انھن 16،17 ورھيھ اقتدار وارن کي ڏٺو آھي.ھاڻي انھن کي ڪنھن ليڊر جي ضرورت ناھي اھي دنيائي تبديلين سبب پاڻ ئي با خبر آهن.توھان اھڙي لشڪر جو ڇا ڪندئو جيڪو نھ تشدد پسند آھي نھ وري مذھبي انتھا پسند.جيڪو ملڪ يا ان جي سلامتي خلاف بھ ناھي.جيڪي ھن موجودھ فريم ۾ رھندي حق گھري رھيو آھي تھ مٿن گوليون ھلن ٿيون، سندن لاش بنا ڪفن دفن ۽ وارثن جي اجازت جي دفنايا وڃن ٿا.اسيمبلين ۾ بيھي وري الزام بھ لڳايو وڃي ٿو تھ اھا ڀارتي پراڪسي آھي.ھي اسان جا اسيمبلي جا ميمبر، اسان جا دانشور جيڪي صرف اقتدار لاءِ نوجوانن مٿان نھ رڳو گوليون ھلائين ٿا پرمٿن اھڙا سنگين الزام بھ لڳائين ٿا.کين خبر پئي تھ سنڌ کي ڪنھن لٽيو ڦريو تباھھ ڪيو تھ توھان کي لڪڻ جي جاءِ نھ ملندي.رياستي ادارن کي بھ اکيون کولڻيون پونديون تھ ڪيتريون ئي شيون ٺيڪ ناھن جڏھن طاقت جي غرور ۾ عام شھرين نوجوانن تي ٻھراڙي وارن تي گوليون ھلن ۽ مٿن پراڪسي جا الزام لڳن صرف پنھنجي ڪرپشن ۽ نا اھلي لڪائڻ خاطرتھ اھا رياستي مفاد ۾ ڳالھھ ناھي.مھينو اڳ ٻٻرلوءِ وٽ اقتداري ڌرين پر امن احتجاج ڏٺو جنھن کي وقتي طور ٽاريو ويو ۽ ھاڻي پوري سنڌ ۾ نوجوانن جون گرفتاريون جاري آھن،ساڃاهه وند سوال اٿارين ٿا ته ھي ڪھڙي جمھوريت آھي؟ جنھن ۾ ماڻھو پيئڻ لاءِ ٻني ٻاري لاءِ پاڻي گھرن ٿا ، امن امان گھرن ٿا يا نوجوان نوڪريون گھرن ٿا تھ توھان مٿن سنگين الزام مڙھيو ٿا سندن زمينن تي گھرن تي قبضا ڪري انھن تي بدمعاشي جا الزام ھڻو ٿا.ھاڻي توھان طاقت جي ڏڍ تي ان ظلم کي نھ ٿا لڪائي سگھو.رياست جي ٻين اسٽيڪ ھولڊرز کي بھ سمجھڻ گھرجي تھ سنڌ کي جنھن ڪنڊ ڏانھن ڌڪيو پيو وڃي اھو رياست لاءِ خطرناڪ آھي.جڏهن ته ٻئي پاسي جن کي وڏو اديب دانشور سمجھيو پئي ويو تن مان ڪي مراعتن پويان تھ ڪي لالچ ۾ ۽ خوف ۾ نھ ٿا ڪڇن.