اسلام آباد(حماد حسن) ڪجھھ ڏينھن اڳ جيڪو ھو شوشو ڇڏيو ويو تھ عمران خان کي وزيراعظم سطح جي بريفنگ ڏني وئي آھي اھو صرف علي امين جي عمران جي آزادي لاءِ داخل ڪيل رٽ پٽيشن کي سپورٽ ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو ھيو.ذريعن موجب عمران سان سڌي ريت تھ رابطا شايد نھ پيا ھلن پر ڪنھن اھم مرڪز ۾ مشاورت ضرور ھلي رھي آھي.اھو سوچيو پيو وڃي تھ 5 جون تي ان جو ڪيس لڳل آھي تھ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي.پاڪ ڀارت جنگ بعد جيڪو سمورو وايو منڊل تبديل ٿيوآھي تھ ان جي ڪري سوچيو پيو وڃي تھ عمران جي ڪي پي ۾ مقبوليت آھي ان جي ڪري کيس ان جو حصو بڻايو وڃي ۽ آزاد ڪيو وڃي. نئين صورتحال ۾ ايران، افغانستان، تاجڪستان سميت ٻين ملڪن سان لاڳاپن ۽ نون منصوبن جو مرڪز ڪي پي ھوندو .ان جي ڪري سوچيو پيو وڃي تھ عمران ۽ ان جي پارٽي کي ان جوحصو بڻايو وڃي.پر مسئلو وري عمران خان جي ھلڙ بازي جو اچي وڃي ٿو.ان ڳالھھ تي پوري ملڪن جي بلاڪ کي ڳڻتي آھي تھ عمران مونجهارو ڪرڻ اچي ويندوآھي.خاص ڪري چين کي خدشا آھن تھ ميگا رٿائون آڻيون پيا ۽ سي پيڪ کي اڳتي وڌايو پيو وڃي.پوءِ اگر اھو بلاڪ ڊسٽرب ٿيو تھ فائدو ڪھڙو ٿيندو؟ھڪ اھم شخص عمران خان جي گارنٽي لاءِ اڳتي اچي سگھي ٿو جيڪو سندس ويجھو آھي.اگر گارنٽي نھ ملي تھ پوءِ عمران اھم ناھي بلڪ پاڪستان اندر ترقي ئي اھم آھي.