راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ جا دروازا کليل آهن، ۽ هو پاڪستان جي مفاد ۾ ”ڪجهه وٺو ۽ ڪجهه ڏيو“ لاءِ تيار آهن. پي ٽي آءِ جي سينيٽر علي ظفر، عمران خان سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته باني پي ٽي آءِ واضح ڪيو آهي ته هو ذاتي لاءِ ڪنهن به قسم جي رعايت يا سودي لاءِ تيار نه آهن، ۽ هن چيو ته سندس دروازا اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين لاءِ کليل آهن. عمران خان چيو ته هو پاڪستان لاءِ ڳالهين لاءِ تيار آهي، ۽ ملڪ ۾ اتحاد جي خاطر ڪنهن به وقت ڳالهين لاءِ موجود آهي، هو صرف انصاف چاهي ٿو، ۽ سندس ڪيس جلد کان جلد ٻڌڻ گهرجن. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته احتجاجي تحريڪ جو اعلان ٿي چڪو آهي، ۽ پنجن-ڇهن ڏينهن اندر حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو. عليمه خان جي ” ڏيو ۽ وٺو “ واري بيان تي باني پي ٽي آءِ چيو ته هو پاڪستان جي خاطر ئي اهڙي ڳالهه ڪري رهيا آهن، ۽ هن واضح طور چيو ته هو ذاتي لاءِ ڪا به رعايت نه ٿو گهري، جيڪڏهن گهرڻي هجي ها ته گهڻي اڳي گهري چڪو هجان ها. عمران خان چيو ته پارٽي جي قيادت تحريڪ لاءِ تيار ٿي وڃي، ۽ هاڻ مان برداشت نه ڪندس جيڪڏهن ڪو اڳيان نه آيو، ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي ته هو وڪيٽ جي ٻنهي طرفن کان کيڏي. ان کان علاوه عمران خان سياسي ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن ٻيهر جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. علي ظفر ذريعي پارٽي قيادت تائين پيغام موڪليو ويو ته عاليه حمزه کي پنجاب ۾ سياسي ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر علي ظفر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان واضح ڪيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جا در کليل آهن، پر ”ڪجهه وٺو ڪجهه ڏيو“ جي بنياد تي ڳالهيون نه ٿينديون. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر علي ظفر چيو ته عمران خان چيو آهي ته هو ملڪ جي بهتري لاءِ ڳالهين لاءِ تيار آهي ۽ ملڪ ۾ اتحاد خاطر ڪنهن به وقت ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون. سينيٽر علي ظفر موجب، عمران خان چيو آهي ته هو رڳو انصاف چاهي ٿو، ڪيس جلدي ٻڌا وڃن، پي ٽي آءِ باني احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪري چڪو آهي، چئن پنجن ڏينهن ۾ حڪمت عملي تيار ڪنداسين.