ڪشمور(رپورٽ: دليپ ڪمار ڪيسواڻي) ڪشمور واسي ھندو نوجوان ٽي سال اڳ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿي لکين رپيا ڀنگ ڀري آزاد ٿيڻ بعد ڪشمور ۾ واپار ڪندي ٽي ڀيرا ڌاڙيلن ھٿان دڪان تان پنڌرنھن لک رپين کان وڌيڪ رقم ڦر ڪرڻ بعد ذھني دٻاءُ تيز بخار سبب سکر جي خانگي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، سوشل ميڊيا تي راءِ ڏيندي شھرين ھندو برادري پاران ڌاڙيلن جي ڦرلٽ ۽ سرون ڪمار جا مالي حالات بھتر نه ھئڻ سبب صدمي ۾ فوت ٿيڻ ۽ جوابدارن کان ڪاروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي، خبر موجب سرون ڪمار ٽي سال اڳ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيو جنهن بعد ڀنگ ڀري آزاد ٿيو ڀاءُ ديپڪ ڪمار سان گڏ ڪڻڪ جو واپار ڪندي سندس دڪان مان ٽي ڀيرا لکين رپيا ڦورن ھٿان ڦر ٿيا ڊپريشن تيز بخار سبب سکر جي خانگي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو سرون ڪمار ھڪ غريب ڪٽنب سان تعلق رکندڙ ھو ٽي سال اڳ ڪشمور مان رھڙڪي صاحب ويندي مريد شاخ انٽر چينج ڀرسان ڌاڙيلن مسافر وين مان لاھي نياڻي سميت اغوا ڪيو جنهن بعد نياڻي کي رات جي اونداهي ۾ روڊ تي ڌاڙيلن ڇڏي ڏنو سرون ڪمار کي ڌاڙيل اغوا ڪري رائونتي ڪچي کڻي ويا اڍائي مهينا قيد بعد سترنھن لک رپيا ڀنگ وٺي آزاد ڪيو ويو سرون ڪمار جو ٻه ڀيرا روڊ ايڪسيڊنٽ ٿيو جنھن سبب فريڪچر ٿيو سندس ٻه نياڻين ۽ ھڪ پٽ جو اولاد ھو،سرون ڪمار ڪريجا جي ڀاءُ ديپڪ ڪمار ٻڌايو ته سرون ڪمار مونسان گڏ لائين پراڻي سوئي روڊ تي ڪڻڪ جو واپار ڪندو ھو جتان ٽي ڀيرا پنڌرنھن لک رپين کان وڌيڪ رقم ڦر ڪئي وئي جنهن سبب خاندان جا مالي حالات خراب ھئڻ ڪري ڪجهه ڏينهن کان سرون ڪمار تيز بخار ۾ وٺجي ويو ۽ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر جي خانگي اسپتال ۾ زير علاج ھو ڊپريشن سبب تيز بخار ھو جنهن ڪري ڀاءُ زندگي جا اھنج سور نه سهندي فوت ٿي ويو، ھن وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ ۽ اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته سندس خاندان جي ساهتا ڪئي وڃي.