هڪ ڏينهن آزاد ڪشمير پاڻمرادو ڀارت سان جُڙي ويندو: راج ناٿ سنگهه

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي بچاءُ واري وزير راج ناٿ سنگهه هڪ ڀيرو ٻيهر آزاد ڪشمير بابت تڪراري بيان ڏيندي دعويٰ ڪئي آهي ته کيس پڪ آهي ته اهو علائقو هڪ ڏينهن پاڻمرادو ڀارت سان جُڙي ويندو.
دهليءَ ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي راج ناٿ سنگهه چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام جي وڏي اڪثريت پاڻ کي ڀارت سان ڳنڍيل محسوس ڪري ٿي، رڳو ڪجهه ماڻهو آهن، جن کي ڀٽڪايو ويو آهي.
پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇيندي ڀارتي وزير چيو ته”اُهو ڏينهن پري نه آهي، جڏهن آزاد ڪشمير هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻمرادو ڀارت سان جڙي ويندو.
راج ناٿ جي چڙڏياريندڙ بيان تي پاڪستان جي طرفان اڃا تائين ڪو به ردعمل ناهي ڏنو ويو، پر ماضي ۾ اهڙي قسم جي بيانن کي پاڪستان ”قابض ذهنيت“ قرار ڏئي رد ڪندو رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.