حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي وڪيلن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي کي رد ڪندي واضح ڪيو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضو قبول ناهي، وڪيلن مورو سانحي جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ يا ھاءِ ڪورٽ جي سينيئر جج جي سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن جوڙي ۽ بيگناھه ماڻھن تي داخل ڪيس ختم ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته آءِ جي سنڌ پاران پوليس عملدارن تي ٻڌل جاچ ڪميٽي کي رد ڪريون ٿا، سنڌ حڪومت کي 30 جون تائين مسئلو حل ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي رهيا آهيون، 30 جون تائين مسئلو حل نه ٿيڻ جي مزاحمتي لاعمل طئه ڪيو ويندو، حيدرآباد ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ، 6 ڪينالن جي رٿا، مورو سانحو ۽ سنڌ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي خلاف آل سنڌ لائيرز ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي ميزباني ۾ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف بار ايسوسيئيشنز جا نمائندا شريڪ ٿيا، ان موقعي تي ڪراچي بار جي صدر ۽ لائيرز ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ خطاب ڪندي چيو ته ڌرتي جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهيون، اسان ملڪ جي خلاف ڪم ڪندڙن سان گڏ نه آهيون، پر اسان سنڌ جي وسيلن جي بقاءُ جي جنگ ضرور وڙهنداسين، مورو واقعي کان خوفزده نه آهيون، واقعي وقت اسان مورو وياسين ۽ هاڻي به انهن سان گڏ آهيون، جيڪو ڪم ڪنداسين اهو شهيدن جي خاندان جي مرضي سان ڪنداسين، پوليس ڪميٽي جي رپورٽ قبول نه ڪنداسين، جاچ جڊيشل آفيسر کان ڪرائي وڃي، وڪيلن جو هڪ دائرو آهي ۽ اسان ان دائري ۾ ڪم ڪنداسين، ڪا ڌر پنهنجي ليکي ڌرڻو هڻڻ چاهي ٿي اها ڀلي ڌرڻو هڻي. هن چيو ته مون کي ون مين شو جو شوق نه آهي آئون ڪميٽي جو سربراھه هوندس ته پنهنجي حساب سان هلندس، قومي ڪاز آهي ان کي ايمانداري سان نڀائيندس. هن چيو ته منهنجي خلاف منفي مهم هلائڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي ۽ اها مهم ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا تي هلندي پر مونکي پرواھه نه آهي. گڏجاڻي ۾ حيدرآباد هاءِ بار جي جنرل سيڪريٽري ۽ آل سنڌ لايرز ايڪشن ڪميٽي جي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسرار حسين چانگ، ڪراچي هاءِ ڪورٽ بار جي صدر سرفراز ميتلو، سنڌ بار ڪائونسل جو ميمبر اشرف سمون، اياز تنيو، غلام رسول سوهو، احسان سيال، حيدرآباد هاءِ ڪورٽ جو صدر عشرت لوهار، ڄامشورو بار جو صدر فھيم انڙ، واجد خاصخيلي، گمبٽ بار جي نائب صدر نازيه پٺاڻ، سکر بار جو جعفر شاھه، ڪراچي بار جي جنرل سيڪريٽري رحمان ڪورائي، حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار جو صدر اشعر مجيد کوکر، جنرل سيڪريٽري مسعود رسول بابر ميمڻ لاڙڪاڻي ھاءِ ڪورٽ بار جي صدر ايڊووڪيٽ اطھر عباس سولنگي ۽ بدين ڊسٽرڪٽ بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ امير آزاد پنهور سميت ٻيا عهديدار موجود هئا. اجلاس ۾ چيو ويو ته ڪارپوريٽ فارمنگ تي ڳالهائڻ لاءِ حڪومت وقت جي چونڊ ڪئي، اسان ليٽر کي رد ڪريون ٿا، گهرو وزير سان هاڻ نه ڳالهائينداسين، هو سنڌ ۾ پنهنجو اعتماد وڃائي چڪو آهي، مورو ڌرڻو وڪيلن ختم نه ڪيو هو، اهو شهيد جي وارثن ختم ڪيو. سنڌو درياهه تي ڪو به ڪينال قبول ناهي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ کي به رد ڪيون ٿا، ان ڪري سنڌ حڪومت فوري طور تي سڄي سنڌ جي ماڻهن جي فيصلي کي مان ڏيندي ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ ڏنل زمينن جي ليز رد ڪري، مورو ۾ ڪميونيڪيشن نيٽ ورڪ فوري طور بحال ڪيو وڃي، ڳوٺ لغاري بجراڻي مان پوليس جو ڪڙو ختم ڪري گرفتار ماڻهن کي آزاد ڪري سميت داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن. مورو واقعي جي شهيدن جي قتل جو ڪيس وارثن جي مرضي موجب داخل ڪيو وڃي. اجلاس کانپوء ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي عامر نواز وڙائچ، رحمان ڪورائي ۽ اسرار حسين چانگ واضح ڪيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي معاملي تي وڪيلن جي ايڪشن ڪميٽي گهرو وزير سان نه ڳالهائيندي ۽ جيڪڏهن سنڌ سرڪار ان معاملي تي ڳالهائڻ چاهي ٿي ته پوءِ وڏو وزير پاڻ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري. هنن چيو ته جيڪڏهن مورو سانحي جي متاثر ڳوٺاڻن کي فوري طور رليف نه ڏنو ويو ته ايڪشن ڪميٽي نئون اعلان ڪندي، جڏهن ته ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ضلعي بارن ۾ سيمينار ڪرايا ويندا ۽ هر جمعي تي هر بار ۾ ٽوڪن هڙتال به ڪئي ويندي، هنن چيو ته ڳوٺ لغاري بجاراڻي جي متاثرن جي قانوني مدد لاءِ پڻ ڪميٽي جوڙي ويندي. اجلاس ۾ لائيرز ايڪشن ڪميٽي جي عهدن ۾ تبديلي ڪري عامر نواز وڙائچ کي ڪنوينر، اسرار چانگ کي سيڪريٽري ۽ رحمان ڪورائي کي ترجمان نامزد ڪيو ويو. ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس 7 ڪلاڪ جاري رهيو، جنهن ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي تي سنڌ حڪومت جي زد، مورو ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي، 26 هين آئيني ترميم ۽ سنڌ انصاف حاصلات جي انتهائي خراب ٿيل صورتحال تي سخت تنقيد ڪئي وئي.