ڪوٽڙي ۾ طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي، ٻن ٻارڙن سميت 3 شهري فوت

ڪوٽڙي (رپورٽ: جبار ڪابورو) ڪوٽڙيءَ سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو وسڪارو ٿيو، ڪوٽڙي ۾ طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي، گهرن جون ڀتون ڪِرڻ سبب 3ڄڻا  فوت، جڏهن ته ٻن عورتن  سميت 8 کان وڌيڪ  زخمي ٿي پيا، ڪوٽڙي سائيٽ جي ٻٻر اسٽاپ واري علائقي ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 15 ورهين جو نينگر راشد چانڊيو، بروهي چوڪ جو رهواسي 10 سالا نينگر اياز کونهارو، سيشن ڪورٽ ڄامشورو ڀرسان احسن سومرو فوت ٿي ويا، جڏهن ته تيز طوفاني برسات سب ڪوٽڙي ۽ ڀرپاسي وڻ، سولر پليٽون، دڪانن ۽ گهرن تي لوھ جون پيل ڇتون ڪرڻ سبب ٻن عورتن آسيا ۽ زرينا سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي ڪوٽڙي اسپتال منتقل ڪيو ويو، بجلي جا پول ڪرڻ ۽ مختلف هنڌن تان تارون ڪرڻ سبب سمورو شهر اونداھ ۾ ٻڏل رهيو، جڏهن ته معمولي برسات سبب شهر جي مختلف چوڪن تي رستن تي پاڻي بهجي ويو اڪثر هنڌن تان گٽر پڻ اٿلي پيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.