ايندڙ بجيٽ عوامي مفاد ۾ تيار ٿيڻ گهرجي: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ماليات، رٿابندي ۽ ترقيات وارن کاتن جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايندڙ  مالي سال جي بجيٽ بابت تجويزن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران مراد علي شاهه واضح ڪيو ته موڪل هوندي به اجلاس سڏائڻ جو مقصد بجيٽ تي وقت سر ڪم مڪمل ڪرڻ آهي، چاهيان ٿو ته عيد کان اڳ ئي اڪثر تجويزون آخري مرحلي تائين پهچي وڃن، ان لاءِ وڌيڪ اجلاس جلد سڏايا ويندا، ناصر حسين شاهه آگاهي ڏني ته 4644 جاري ترقياتي اسڪيمن مان 1812 هن سال مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي، جيڪي ترقياتي اسڪيمون مڪمل ٿيڻ واريون آهن، انهن لاءِ فوري طور فنڊ جاري ڪيا وڃن، وڏي وزير هدايت ڪئي ته نين تجويزن کي شارٽ لسٽ ڪري ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو وڃي، جڏهن ته فنڊنگ جو تفصيلي جائزو ڌار اجلاس ۾ ورتو ويندو، مراد علي شاهه چيو ته ايندڙ بجيٽ عوامي مفاد ۾ تيار ٿيڻ گهرجي، صوبي جي آمدني جا انگ اکر جون جي پهرئين هفتي ۾ واضح ٿي ويندا ۽ بجيٽ جون تجويزون ان موجب حتمي بڻايون وينديون. ھن وڌيڪ چيو ته سال 24-2023 ۾ سنڌ حڪومت 88.3 بلين روپين جون 1937 نيون اسڪيمون شروع ڪيون، ھاڻ 1937 اسڪيمن مان گھڻي قدر ڪم ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.