ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: عرفان علي کوسو) ڪنڌڪوٽ ۾ وڌيڪ معصوم ٻارڙي گولين جو نشانو بڻجي وئي، سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالرزاق بنگوار ۾ 8 مهينن جي صغير ٻارڙي عائشه به گولين جو نشانو بڻجي وئي، سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالرزاق بنگوار وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿيو ته گولي معصوم ٻالڪ عائشه کي لڳي، ان سلسلي ۾ 8 مهينن جي معصوم نينگري جي والد گل محمد گولو جو چوڻ هو ته اسان شهر طرف موٽرسائيڪل تي اچون پيا، پوليس ساڳئي روڊ سان ڏوهارين جي ڪڍ هئي، پوليس فائرنگ ڪئي ته گولي منهنجي معصوم ٻالڪ نينگري کي لڳي آهي، مون سان وڏو ظلم ٿيو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، هن چيو ته منهنجي نينگري جو ڪهڙو ڏوهه هو جو پوليس گولي جو شڪار ٿي آهي، ملوث پوليس اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي پاسي معصوم نينگري جو مڙهه اسپتال منتقل ٿيڻ بعد ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن والد کي بيهوشي دورا پئجي رهيا هئا ۽ هو زارو قطار روئيندو انصاف جي گهر ڪندو رهيو.