” چرس پي آيا آهيو“ پي ٽي اي چيئرمين جي جملي تي ايمل ولي ڪاوڙجي پيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اجلاس ۾ ايمل ولي خان ۽ چيئرمين پي ٽي اي وچ ۾ سخت جهيڙو، ذاتي الزام ۽ معافي تائين معاملو پهچي ويو .سينيٽ جي گهٽ ترقي يافته علائقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران ان وقت غيرمعمولي صورتحال پيدا ٿي وئي، جڏهن پي ٽي اي (PTA) جي چيئرمين ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر ايمل ولي خان وچ ۾ سخت لفظي جهيڙو ٿي پيو چيئرمين پي ٽي اي مبينا طور تي ايمل ولي خان تي طنز ڪندي چيو ته ” توهان ته لڳي ٿو چرس جو سگريٽ پي ڪري آيا آهيو! ان جملو ٻڌي، ايمل ولي خان ڪاوڙجي پيا ۽ چيئرمين پي ٽي اي تي سخت تنقيد  ڪندي چيو ”توهان کي تڪليف ڇا آهي؟ هڪ سرڪاري ملازم ڪيئن چئي سگهي ٿو ته مان چرس پي آيو آهيان؟“ ان تي چيئرمين پي ٽي اي پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪيو ۽ بار بار ايمل ولي کان معافي وٺندو رهيو. ايمل ولي خان، چيئرمين پي ٽي اي جي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو ته ”يا ته هو اجلاس ۾ رهندو يا مان.“ ان صورتحال بعد، چيئرمين پي ٽي اي کي اجلاس ڇڏي وڃڻو پيو.  اسٽينڊنگ  ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته: "چيئرمين پي ٽي اي جي روَيي جي سخت مذمت ڪريون ٿا.سينيٽر آغا شاهزيب دراني چيو ته” چيئرمين پي ٽي اي نه فقط سينيٽر جي، پر پوري ڪميٽي جي توهين ڪئي آهي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.