نئين دهلي(م ڊ)جنگ بندی جي باوجود ڀارتي حڪومت جون اشتعال انگيز سرگرميون جاري آهن ۽ ڀارت هڪ ٻي پاڪستاني سفارتڪار کي ناپسنديده شخصيت قرار ڏئي 24 ڪلاڪن اندر ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ڀارتي ويب سائيٽ جي رپورٽ مطابق، ڀارتيحڪومت نئين دهلي ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪميشن ۾ ڪم ڪندڙ هڪ پاڪستاني اهلڪار کي نا پسنديده شخصيت قرار ڏئي کيس 24 ڪلاڪن اندر ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي، ڀارت پاران پاڪستاني سفارتڪار تي غير پيشه ورانه سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جا الزام لڳايا ويا آهن.ڀارتي حڪومت جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي ناظم الامور کي اڄ ان سلسلي ۾ هڪ ڊيمارش ڏنو ويو آهي.