ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پوليو ٽوڙ ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ هر سطح تي احتساب جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، هن چيو ته هر اهو ٻار، جنهن کي پوليو جا ڦڙا نه پياري سگهياسين اهو امڪاني مريض ٿي سگهي ٿو. پوليو عام قدمن سان ختم نه ٿيندو ان لاءِ هدف تي ٻڌل فوري ۽ گڏيل قدم کڻڻ ضروري آهن. اسان کي پڪ ڪرڻي پوندي ته سنڌ جو ڪو به ٻار غير محفوظ نه رهي. وڏي وزير پوليو جي هاڻوڪي وبائي رجحانن جو جائزو وٺندي مهم جي ڪارڪردگي جو تجزيو ڪيو ۽ 26 مئي کان هڪ جون 2025 تائين جاري رهندڙ پوليو مهم جي تيارين کي آخري شڪل ڏني، اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پچوهو، وزير بلديات سعيد غني، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، سيڪريٽري وزيراعليٰ زمان ناريجو، سيڪريٽري ڪاليجز شهاب انصاري، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو، ڊبليو ايڇ او جي صلاحڪار ڊاڪٽر صلاح هيثمي، بي ايم جي ايف جي سينئر پروگرام آفيسر ماريا مي، اي او سي انچارج ارشاد سوڍڙ، سي اي او پي پي ايڇ آءِ جاويد جاگيراڻي، ساٿاري ادارن جا نمائندا ۽ ايمرجنسي آپريشنز سينٽر سنڌ جا ميمبر شريڪ ٿيا. اسلام آباد مان نيشنل ايمرجنسي آفيسر ڪوآرڊينيٽر ڪيپٽن انورالحق ۽ مختلف ضلعن جا ڊي سي صاحبان وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا، ڊاڪٽر عذرا فضل ۽ ارشاد سوڍڙ وزيراعليٰ کي ايندڙ پوليو مهم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.