اسلام آباد(ناديا نقي)حماد حسن چيو آھي تھ جنرل ايوب خان ھجي ضيا ھجي يا باجوا انھن جا اختيار يا طاقت ھڪ جھڙي ھوندي آھي.جنرل عاصم منير ھڪ مضبوط فوجي جنرل ۽سربراھ طور اڀريو آھي ھڪ تھ ھن مارشل لا نھ لڳايو پر ان کان وڌيڪ مشڪل صورتحال جو کيس منھن ڏسڻو پيو. 9 مئي بھ ٿيو پي ٽي آئي جي مقبوليت بھ گھڻي ھئي ۽ فوج اندر بھ ڪجھھ اھڙا عنصر ھيا.جيڪي عمران حامي ھئا. کيس مشڪل صورتحال ملي. ھن ملٽري ڪورٽون بڻايايون ۽ 9 مئي جي جوابدارن کي سزائون ڏياريون.باقي ٻيو ڀيرو فيلڊ مارشل جي مقرري انڊيا کي ميسيج آھي.مودي جيڪي ڌمڪيون ڏنيون آھن ان جي جواب ۾ کيس اھو پيغام ڏنو ويو آھي.باقي ھو پوري ريت پنھنجي مقبوليت جو فائدو ماڻي رھيو آھي.مالي حوالي سان ايماندر سمجھي وڃي ٿو ۽ دوستن جو حلقو محدود اٿس.پر ھاڻي ھن پنھنجي ان انداز کي تبديل ڪيوآھي. سو آرمي چيف آرمي چيف ئي ھوندوآھي پوءِ فيلڊ مارشل ھجي يا جنرل ھجي .ھو پھريون بھ سگھارو ھيو تھ ھاڻي بھ آھي ۽ اھو پيغام انڊيا کي ويوآھي تھ جنگ جي صورت ۾ ھو ميدان تي لھندو. باقي فيصل واوڊا جيڪي ڳالھيون ڪري رھيوآھي اھوتاثر ڏئي رھيوآھي تھ اسٽبلشمنٽ جو ماڻھو آھي اھوغلط آھي سندس ھڪ ٻن شخصيتن سان رابطا آھن. ٻئي پاسي سينئر تجزي نگاررضا رومي چيو آھي تھ آرمي چيف کي اعزازي رينڪ ڏنو ويو آھي ان جو سبب موجودھ پاڪ ڀارت محدود لڙائي دوران پاڪستان جي ھٿياربند فوج جي طرفان جيڪا تياري مستعدي ڏيکاري وئي ۽ جھڙي نموني دفاع ڪيو ويو ان جي ڪري اھو ڏنو ويوآحي. اسان ھميشھ چيو آھي تھ فوج جو سياسي توڙي اندروني معاملن ۾ دخل نھ ھئڻ گھرجي.پر موجودھ ڇڪتاڻ دوران اھو ضرور آھي تھ اگر انڊيا جي مقابلي ۾ اھڙي فوج نھ ھجي ھا تھ پاڪستان ڪٿي بيھي ھا ويجھڙ ئي اسان ڏٺو آھي تھ ڪيتريون ئي رياستون تباھ برباد ٿي ويون ھن پوري ڪرائسز ۾ جنرل عاصم منير پاپولر شخصيت ٿي اڀريو آھي. انڊيا جي سياستدانن ۽ ميڊيا جو بھ فوڪس سندس شخصيت رھي آھي. جنرل عاصم منير جي تقرري کان فيلڊ مارشل تائين اھو سمورو انٽرنل معاملو آھي ان خلاف 9 مئي بھ ٿي.لانگ مارچ بھ ٿيا.ايتري قدر ھڪ ڪورڪمانڊر ان معاملي ۾ شرڪت بھ ڪئي ھڪ ٻھ ٻيا بھ ھئا.پر ھو بچي ويو. ھو پاڪستان جي سينٽراسٽيج تي آھي. ھاڻي پاڪستان تحريڪ انصاف جي رويي ۾ بھ تبديلي آئي آھي. ھاڻي عمران خان جي مائوزيتنگ ۽ چي گويرا ٿيڻ واري پاليسي ھلي نھ سگھندي.کيس بدليل حالتن ۾ معاملا سيٽ ڪرڻا پوندا.ملڪ اندر جيڪو آرمي جو گراف ڪريل ھيو اھو ريورس ٿيوآھي ان ۾ انڊيا جي مس ڪلڪيوليشن جو بھ ڪردار آھي.ڀارت جوخيال ھيوت ھ پاڪستان ۾ ھن وقت وڏي تقسيم آھي عوام فوج جو ساٿ نھ ڏيندو.اھو معاملو الٽ ٿيو۽ عوام فوج سان بيھي رھيو.ٻيو جيڪا سوڀ پاڪستان کي ملي تھ عوام جواعتماد بھ ٻحال ٿيو .