ڀارت سان ڳالهيون سعودي يا عرب امارات ۾ ٿينديون، آمريڪا بنيادي ڪردار نڀائيندو: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهين لاءِ سعودي عرب يا يو اي اي مان ڪنهن هڪ جاءِ جو تعين ڪيو ويندو ۽ ان ڳالهه ٻولهه دوران آمريڪا بنيادي ڪردار ادڪندو، سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ امن واري دور جي حيثيت ڏانهن واپس وڃڻ تي اتفاقِ راءِ ٿي ويو آهي، ٻنهي ملڪن جا قومي سلامتي جا مشير ڪنهن غير جانبدار جاءِ تي ڳالهيون ڪندا، وزيراعظم چيو ته ڳالهين دوران پاڪستان طرفان چار اهم نقطا شامل ڪيا ويندا، جن ۾ ڪشمير، پاڻي، واپار ۽ دهشتگردي جا مسئلا شامل هوندا، پر ڀارت ڪنهن به ٽئين ملڪ جي ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ راضي ناهي، ٽئين ملڪ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو فيصلو فائدي مند ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته جنگ دوران اسرائيل ڀارت جي ڀرپور مدد ڪئي ۽ جنگ کان اڳ اسرائيل جا 150 تربيت يافته ماڻهو ڀارت پهتا هئا، جنگ ۾ جيڪڏهن ڪنهن جي فتح ٿيندي آهي ته ٻئي جي شڪست به ٿيندي آهي، جنگ مستقل حل ناهي، پائيدار امن ئي محفوظ مستقبل جي ضمانت آهي، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جڏهن به دهشتگردي بابت ڳالهيون ٿينديون ته ٻنهي طرفن جا قومي سلامتي جا صلاحڪار شامل هوندا، هن جو چوڻ هو ته جنگ دوران ڀارت سري نگر سميت ٻين علائقن ۾ اسرائيلي هٿيار استعمال ڪيا ۽ اسرائيل جي تربيت يافته ماڻهن ڀارت کي مدد فراهم ڪئي، شهباز شريف جو چوڻ هو ته آرمي چيف کي فيلڊ مارشل بڻائڻ جو فيصلو منهنجو هو ۽ مان ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ نواز شريف سان صلاح مشورو ڪندو آهيان، سيد عاصم منير کي فِيلڊ مارشل بڻائڻ جو فيصلو حڪومت جو آهي، فوج جو نه آهي، وزيراعظم سان جڏهن صحافين سوال ڪيو ته "آرمي چيف کي ته فِيلڊ مارشل بڻايو ويو آهي، اوهان ڇا بڻيا آهيو؟” ته وزيراعظم کلندي چيو ته مون کي سياسي فِيلڊ مارشل (Political Field Marshal) چئي ڇڏيو!”.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.