حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) سنڌ جي اديبن، شاعرن، ليکڪن، سياسي، سماجي ۽ هاري اڳواڻن گُهر ڪئي آهي ته سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي کي سدائين لاءِ ختم ڪري سنڌ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ڏنل زمينن جي والار بند ڪري بي زمين هارين کي مفت زمين ڏني وڃي، سنڌ حڪومت 1991ع واري پاڻي ٺاهه مطابق پنجاب کان حصي جو پاڻي حاصل ڪري سنڌ ۾ پاڻيءَ جي صحيح ورڇ ڪري ساحلي پٽيءَ جي ٺٽو، بدين ۽ سجاول سميت ٻين ضلعن ۾ برابري جي بنياد تي پاڻي پهچايو وڃي، سنڌ جي بي گهر ماڻهن کي گهر ٺهرائڻ لاءِ مفت زمين ڏئي وڏيرن طرفان ڪئنالن ۽ سب ڪئنالن مان نڪتل ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽ ختم ڪرائي اتر سنڌ جي ضلعن ۾ بدامني، قتل، اغوا ۽ ڦرن جون وارداتون ختم ڪيون وڃن، اهڙو مطالبو سنڌ ھاري ڪميٽي جي باني ھاري ھلچل جدوجھد جي بھادر سياسي ليڊر باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 55ھين ورسي جي موقعي تي سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو ويو، تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ ھاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي چيوته باباء سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي آمر جنرل ۽ ايوب خان سان مھاڏو اٽڪائيندي سنڌ جي حقن ۽ ھارين جي مسئلي تي انقلابي تحريڪ ھلائي، اسان به سندس نقش قدم تي هلندي سنڌ جي حقن لاءِ ھارين، پورھيتن ۽ مزدورن جي حقن لاءِ تحريڪ ھلائيندا رهنداسين، هن چيو ته سنڌ جا حق وٺنداسين، سنڌ سان ظلم بند ڪيو وڃي، جيڪڏھن سنڌ سان ظلم ڪندا ته اسان پنھنجون جانيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، هن چيو ته اسان وڏيرن، جاگيردارن ۽ حڪمرانن جو گھيراءُ ڪنداسين، هن چيو ته آئون سنڌ جي ھارين، مزدورن ۽ پورھيتن سميت سنڌ جي عوام کي اپيل ٿو ڪريان ته ھاڻ پاڻ ۾ اتحاد ڪري حقن جي حاصلات لاءِ گڏ ٿيو. هن چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ھارين ۽ مزدورن جي حقن لاءِ سچائي سان تحريڪون ھلائيندي، جيلن جون سختيون برداشت ڪندي ھارين کي اڌ بٽائي وٺي ڏيارڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. هن چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي جدوجھد ۾ سڏ سان سڏ ملائيندي ڪامريڊ مظھر جتوئي، ڪامريڊ اظھر جتوئي تائين سنڌ ھاري ڪميٽي جي اڳواڻن بھادري سان ھاري ھلچل جي پليٽ فارم تان تحريڪون ھلائي ھاري ھلچل جي انقلابي جدوجھد کي جاري رکيو، ڪميٽي جي مرڪزي اڳواڻ احمد نواز انقلابي ڪندي چيوته اسان سنڌ جي مسئلن تي گڏيل جدوجھد ۽ اتحاد ٺاھڻ لاءِ سڏ ڏيون ٿا. ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ امداد قاضي خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ حيدربخش جتوئي پرامن طريقي سان جدوجھد ڪئي ۽ موجوده وقت ۾ سنڌ جي عوام ۽ وڪيلن ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي سنڌو درياهه تي ٺھندڙ ڪئنالن کي رد ڪرائڻ لاءِ پرامن تاريخي جدوجھد ڪئي، سنڌ ھميشه پرامن جدوجھد ڪئي آھي، اسان سڀني کي گڏجي سنڌ جي حقن لاءِ ڀرپور جدوجھد ڪرڻ جي ضرورت آھي، سنڌ صوفي فورم جي چيئرمين ڊاڪٽر بدر چنا، وطن دوست جمھوري پارٽي جي اڳواڻ عرض رتڙ، نيشنل پارٽي جي اڳواڻ تاج مري، ڪميونسٽ پارٽي سنڌ ھاري ڪميٽي جي صدر مير منور ٽالپر، شھيد نظير عباسي يادگار ڪميٽي جي اڳواڻ نھال عباسي، نامياري اديب ادريس جتوئي، امان الله شيخ، نامياري ايڊووڪيٽ جي ايم لغاري خطاب ڪندي ڪامريڊ حيدربخش جتوئي کي ڀيٽا ڏيندي سرخ سلام پيش ڪيو ۽ هارين ۽ مزدورن جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جو عزم ڪيو.
سکر کان ڪشمور تائين وڌندڙ بدامني، قتل ۽ اغوا واقعن کي روڪيو: قرارداد
حيدرآباد: باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي 55 ھين ورسي جي موقعي تي تقريب دوران مختلف قراردادون پاس ڪريمطالبو ڪيو ويو ته سکر کان ڪشمور تائين اتر سنڌ جي ضلعن ۾ تمام گهڻي بدامني، قتل، اغوا ۽ ڦرون وڌي ويون آهن، سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪجي ٿو ته اتر سنڌ سميت شهرن ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪئي وڃي، سنڌ جي ساحلي پٽيءَ ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري اُتي جو عوام پيئڻ ۽ فصل پوکڻ لاءِ پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان ڪري سنڌ ۾ پاڻيءَ جي صحيح ورڇ ڪري ساحلي پٽيءَ جي ٺٽو، بدين ۽ سجاول سميت ٻين ضلعن ۾ پاڻي پهچايو وڃي، سنڌ ۾ وڏي پئماني تي انساني حقن جي ڀڃڪڙي، عورتن جو ڪارو ڪاري جي نالي تي قتلام ۽ مختلف برادرين جي خوني تڪرارن کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت خاص اُپاءَ وٺي، پنجاب جيان سنڌ حڪومت نوجوانن کي آسان شرطن تي قرض ڏئي بي روزگاريءَ کي گهٽايو وڃي، سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جو نظام تباھ ٿي ويو آهي، ان ڪري هنن شعبن جي ڪارڪردگيءَ کي وڌايو وڃي. سنڌ ۾ رشوت انتها درجي تائين وڌي وئي آهي، جنهن ۾ خاص ڪري پورهيت، هاري ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جي زندگي تباھ ٿي وئي آهي، ان ڪري سنڌ حڪومت ڪرپشن جو خاتمو آڻي. سنڌ هاري ڪميٽي سنڌ جي قومي مسئلن تي باقي ٻين سياسي تنظيمن سان ڀرپور سهڪار ڪري ٿي ۽ ايندڙ وقت به قومي تحريڪ ۾ ڀرپور شرڪت ڪندي رهندي. سنڌ ۾ قومي ڪارڪنن ۽ شاگردن کي گُم ڪرڻ جا واقعا تيزيءَ سان وڌنڌا وڃن ٿا، انهن کي ختم ڪيو وڃي ۽ جيڪي به کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪن آهن، انهن کي ظاهر ڪيو وڃي. سنڌ هاري ڪاميٽي جو هي ميڙ مطالبو ڪري ته 26هين آئيني ترميم ۽ پيڪا ايڪٽ کي واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿي عداليا جي آزادي ۽ ميڊيا جي آزادي تي ڪو وار برداشت نه ڪنداسين.
باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي مزار تي گلن جون چادرون چاڙھي دعا گھري وئي
حيدرآباد: سنڌ ھاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي جي اڳواڻي ۾ ھارين سميت سياسي، سماجي ۽ ادبي اڳواڻن گڏجي حيدرآباد ۾ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي 55ھين ورسي جي موقعي تي سندس مزار تي گلن جون چادرون چاڙھي دعا گھري.